اي سي ايل مان ڪڍيل وزيرن جي نالن جا تفصيل طلب

اي سي ايل مان ڪڍيل وزيرن جي نالن جا تفصيل طلب

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ تحقيقاتي ادارن ۾ اعليٰ حڪومتي شخصيتن جي مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيو ته اي سي ايل رول 2010 جو سيڪشن 2 پڙهي وٺو، جنهن مطابق ڪرپشن، دهشتگردي، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ۽ لون ڊيفالٽر ملڪ کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي ته پوءِ وفاقي ڪابينا ڪنهن جي چوڻ تي ڪرپشن ۽ ٽيڪس جي ادائيگي واري رول ۾ ترميم ڪئي آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته نيب مطابق ان کان پڇڻ بغير ئي جوابدارن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن. چيف جسٽس کي جواب ڏيندي اٽارني جنرل چيو ته ڪابينا جي منظوري جا منٽس پيش ڪري ڇڏيندس. جسٽس اعجاز الحسن اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا 120 ڏينهن کانپوءِ پاڻمرادو نالا اي سي ايل مان نڪري ويندا آهن؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته 120 ڏينهن جو تعلق نالو اي سي ايل مان داخل ٿيڻ سان مشروط هوندو آهي. جسٽس مظاهر نقوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪابينا جا ميمبر خود هن ترميم مان فائدو وٺي رهيا آهن، اهي پنهنجي فائدي لاءِ ترميم ڪيئن ٿا ڪري سگهن، ڇا ڪابينا ميمبرن جا نالا اي سي ايل ۾ هجڻ ۽ اي سي ايل رولز ۾ ڪابينا طرفان ترميم ڪرڻ مفادن جو ٽڪراءُ ناهي؟ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي پراسيڪيوشن ٽيم ڪيس جي ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ تبديل ڪئي وئي، آرٽيڪل 248 وزيرن کي فوجداري ڪارروائي کان ڇوٽ نٿو ڏئي، وزيرن خلاف فوجداري ڪارروائي هلڻ گهرجي، فوجداري نظام سڀني لاءِ هڪ جهيڙو آهي، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو