اي اين ايف جي ڪارروائي،  6 ملين ڊالر جا ڪرسٽل هٿ

اي اين ايف جي ڪارروائي، 6 ملين ڊالر جا ڪرسٽل هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي هڪ گاڏي مان 30 ڪلو گرام کان وڌيڪ هيروئن هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف جي ترجمان موجب ڪراچي جي علائقي ضياءُ الدين احمد روڊ تي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، چيڪنگ دوران هڪ هيلڪس ريوو گاڏي مان 30 ڪلو گرام هيروئن (ڪرسٽل) هٿ ڪئي وئي.اي اين ايف ترجمان موجب واقعي واري هنڌ موجود ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان موجب هٿ آيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 6 ڪروڙ ڊالر آهي، گرفتار جوابدار خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو