اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اي او بي آءِ جي پينشن ۾ واڌ نه ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بئنچ اي او بي آءِ پينشنرز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا EOBI پينشن ادا ڪري رهي آهي؟ اي او بي آءِ جي وڪيل چيو ته پينشن ۾ واڌ جو ڪيس آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اي او بي آءِ جي صوبن ڏانهن منتقلي جو معاملو ڪافي عرصي کان هلي رهيو هو، آخرڪار گڏيل مفادن واري ڪائونسل ان اداري کي وفاق وٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت فيصلو ڪيو،درخواستگذار چيو ته کيس ڪيترن ئي سالن کان 10 هزار 500 پينشن ڏني پئي وڃي، پينشن ۾ واڌ نه ڪئي پئي وڃي،اي او بي آءِ جي وڪيل چيو ته حڪومت جي هدايتن موجب پينشن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پينشن بابت ڪيس جو فيصلو 2015ع ۾ ٿي چڪو آهي.جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس 2013 کان التوا ۾ آهي، ڪيس ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ختم ٿيڻو آهي، توهان وٽ ايتري وڏي آمدني ۽ فنڊ آهن.اي او بي آءِ جي وڪيل چيو ته پينشن 3500 مان وڌائي 6000 رپيا ڪرڻ جو ڪيس هو، 2015 ۾ پينشن بابت ڪيس جو فيصلو ٿي چڪو آهي.اي او بي آءِ پينشنرز ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.










