ايگزيڪيوٽو پاڻ جج ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ،سپريم ڪورٽ

ايگزيڪيوٽو پاڻ جج ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ،سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن ۾ ڌانڌلي سميت ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين چيو ته آئيني بينچ اڄ رڳو فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل جي فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.ٻڌڻي دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته سپريم ڪورٽ ماضي ۾ قرار ڏنو هو ته فوج جي ماتحت شهرين جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو.جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته موجوده ڪيس ۾ متاثر ڌر ۽ اپيل ڪندڙ ڪير آهي؟ وڪيل خواجا حارث جواب ڏنو ته اپيل دفاع واري وزارت طرفان داخل ڪئي وئي آهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا بچاءَ واري وزارت ايگزيڪيوٽو باڊي آهي، جيڪڏهن ايگزيڪيوٽو خلاف ڏوهه آهي ته ڇا هو جج بڻجي فيصلو ٻڌائي سگهي ٿو؟ آئين ۾ اختيارن جي ورهاست بلڪل واضح آهي، آئين ۾ واضح آهي ته ايگزيڪيوٽو عدليه جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي، فوجي عدالتن جي صورت ۾ بنيادي آئيني سوال آهي.بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته جيڪڏهن ڪو ٻيو فورم موجود نه هجي ته ايگزيڪيوٽو فيصلو ڪري سگهي ٿي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته قانون ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالتن جو فورم هوندو آهي، جڏهن قانوني فورم هوندو ته ايگزيڪيوٽو پاڻ جج ڪيئن بڻجي سگهي ٿو؟ وڪيل خواجا حارث چيو ته توهان صحيح ٿا چئو.

پهنجو تبصرو موڪليو