ايڪواڊور جي صدارتي چونڊ جو اميدوار ريلي دوران قتل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور جو صدارتي اميدوار فرنينڊو ولاسينسيو چونڊ ريلي دوران مارجي ويو.بي بي سي موجب، ايڪواڊور جي صدارتي اميدوار فرنينڊو ولاسينسيو کي اربع تي اتر واري شهر ڪوئٽو ۾ هڪ ريلي کانپوءِ ڪار ۾ ويهڻ دوران هڪ شخص مٿي ۾ گوليون هنيون.ايڪواڊور جي موجوده صدر سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي فرنينڊو لسنسيو جي قتل جي تصديق ڪئي آهي.فرننڊو ولاسينسيو پڻ ايڪواڊور جي قومي اسيمبلي جو ميمبر هو.هڪواڊور ۾ منشيات جي اسمگلنگ گينگ جي وڌندڙ تعداد جي ڪري پرتشدد ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن صدارتي مهم کي متاثر ڪيو آهي.ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور ۾ صدارتي چونڊون 20 آگسٽ تي ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو