ايڌي فائونڊيشن جي مرڪز ۾ 65 لک رپين جي ڌاڙي خلاف احتجاج

ايڌي فائونڊيشن جي مرڪز ۾ 65 لک رپين جي ڌاڙي خلاف احتجاج

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب آڏو ايڌي فائونڊيشن جي سهراب ڳوٺ واري مرڪز ۾ گذريل ڏينهن ٿيل 65 لک رپين جي ڌاڙي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ ايڌي فائونڊيشن جي رضاڪارن، ملازمن جي گهرڀاتين، مزدور تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ شهرين شرڪت ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ايڌي سينٽر سهراب ڳوٺ ۾ ڌاڙي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي. مظاهري ۾ ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايدهي، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين اسد اقبال بٽ، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور، پيپلز ليبر بيورو جي حبيب الدين جنيدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. فيصل ايڌي چيو ته ايڌي فائونڊيشن انسانيت جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ ڪنهن سان به دشمني ناهي. هن چيو ته ملازمن جي پگهارن لاءِ رکيل 65 لک رپيا چار هٿياربند جوابدار هٿيارن جي زور تي ڦري فرار ٿي ويا، جنهن سبب غريب ملازمن جي گهرن ۾ ڏکيائيون پيدا ٿيون آهن. فيصل ايڌي سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ ملازمن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته ايڌي فائونڊيشن متاثر ملازمن جي مدد ڪندي. ايڌي ملازمن جي گهرڀاتين سنڌ حڪومت کان پگهارن جي ادائيگي ۽ ايڌي فائونڊيشن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته مظاهرين آءِ جي سنڌ کان واقعي بابت جواب ڏيڻ ۽ جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي گهر ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو