اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ طرفان ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو، ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس جي شوڪاز خلاف انٽراڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي به سڀاڻي لارجر بئنچ ڪندي. سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ خميس ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو. بينچن جي اختيارن واري ڪيس ۾ فل ڪورٽ جي جوڙجڪ بابت به عدالت دليل طلب ڪيا هئا. ايڊيشنل رجسٽرار شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس جي شوڪاز خلاف انٽراڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي به سڀاڻي لارجر بئنچ ڪندي.










