ايڊز جي مريض سان نه پر مرض کان نفرت ڪيو، اعجاز تيوڻو

اڄ ڪلھ ايڇ آئي وي يعني ايڊز وائرس جا ڪيس خبرن جي زينت بڻيل آهن جنهن جي ڪري عوام ۾ هڪ خوف واري صورتحال پکيڙيل آهي. اسان کي اھو ڏسڻون پوندو ته ايڇ آئي وي ۽ ايڊز ڇا آهي ان لاءِ  ماهر ڊاڪٽرن کان معلوم ڪجي ٿو ته سندن چوڻ آهي ته ايڇ آئي وي مرض قابل علاج آهي، جنهن جو مستقل علاج ڪرائڻ سان وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ايڊز پڻ هڪ خطرناڪ بيماري آهي انهن بيمارين جي ڦهلجڻ جو اهم سبب سرنج جو باربار استعمال ڪرڻ، بغير تيسٽ جي رت لڳائڻ، آپريشن ۽ ڏندن جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزارن جي اسٽريلائزيشن بنا، استعمال ۽ ٻيا ڪيترائي سبب آهن. جڏهن ته هي بيماري هٿ ملائڻ، گڏ کائڻ ۽ ويهڻ سان نٿي پکڙجي، ان ڪري ايڇ آئي وي ايڊز جي متاثر مريضن سان نفرت نه ڪرڻ گهرجي. اسان جي معاشري ۾ اهڙن مريضن سان حقارت وارو رويو اختيار ڪيو ٿو وڃي انهي لاءِ اسان کي گڏجي پنھنجي معاشري ۾ ايڇ آئي وي ايڊز جي نقصانن بابت آگاھي فراھم ڪرڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان بيماري کان پنھنجي معاشري کي صاف بڻايون خاص ڪري ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ان بيماري بابت آگاهي پهچائڻ تمام ضروري آهي. انهي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيون. ايڇ آئي وي ايڊز ۽ ٻين بيمارين جي خاتمي ۽ مريضن جي علاج لاءِ سنڌ حڪومت پاران ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو پيو وڃي تي جئين ان بيماري ۾ وچڻندڙ ماڻھن  کي علاج جو بھتر سھولتون فراھم ڪري انھن جي زندگي بچائي سگھجي ڇاڪاڻ ته ھڪ انسان جي زندگي بچائڻ پوري انسانيت جي زندگي بچائڻ آھي. ڏٺو وڃي ته ايڇ آئي وي/ ايڊز ۽ ھيپاٽائيٽس خطرناڪ بيماري ضرور آھي پر لاعلاج ناھي. جيڪڏھن ان بيماري کان اسان پنھنجي معاشري کي بچائڻ لاءِ عوام ۾ شعور اجاگر ڪيون ته ان بيماري جي پاڙ ھميشه کان پٽي سگھجي ٿي ھون به چوندا آھن ته علاج کا احتياط بھتر آھي. تازو ئي لاڙڪاڻي جي شھر رتوديرو سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايڊز جا ڪيترا ئي ڪيس ظاھر ٿيا آھن انھن جي علاج لاءِ حڪومت پاران اسڪريننگ ٽيسٽ سميت انھن کي علاج معالجي جو سھولتون فراھم ڪري رھي آھي ۽ حڪومت تي به ذميواري عائد آھي ته ھو عوام کي ٻين سھولتن سميت صحت جون سھولتون به سندن گھرن جي درن تي پھچائين. ان معاملي ۾ ايڊز جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران پھرين مرحلي ۾ عطائي ڊاڪٽرن ، غيرقانوني ليبارٽريز ۽ ڊينٽل ڪلينڪن خلاف ڪاروايون شروع ڪيو ويون، ڇاڪاڻ ته ايڇ آئي وي ، ايڊز سميت ٻيون بيماريون پکيڙڻ ۾ انھن جو وڏو ڪردار آھي ڇاڪاڻ ته اهي ساڳيون سرنجون ٻين مريضن تي استعمال ڪن ٿا ۽ ليبارٽريز وارا پئسا ڪمائڻ جي چڪرن ۾ صفائي سميت اوزار واش ڪرڻ ۾ لاپرواهي ڪن ٿا جنھن سان ھڪ مريض جي بيماري ٻئي ماڻھون ۾ منتقل ٿئي ٿي جڏھن ته ايڇ آ ئي وي ايڊز غير محفوظ جنسي تعلقات جي ڪري به منتقل ٿي سگھي ٿي ان لاءِ عوام ۾ ان بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي ته جيڪڏھن ھو ڪنھن بہ ڊاڪٽر وٽ وڃي ته پنھنجي سامھون نئين سرنج جو تاڪيد ڪن ۽ اگر ڪنھن حجم وٽ وڃن ته ان ڳالهه جو يقين ڪن ته حجم پاران ان پاڪي کي واش ڪيو آھي ۽ نئون بليڊ وڌو آھي جڏھن ته اگر ڪوبه مريض رت ھڻائي ته ان ڳالهه جو يقين ڪري ته رت ڏيندڙ ڪنھن بہ بيماري جو شڪار ته ناھي اگر ھجي ته اھو رت ھرگز نه ھڻائي ڇاڪاڻ ته ان سان ايڇ ائي وي سميت ڪيترن ئي بيمارين جو خطرو ھوندو آھي ٿوري غلطي جي ڪري سڄي عمر جي پريشاني کان بچڻ لاءِ بھتر آھي تہ ماڻھون احتياط ڪري ھي بيماري خاص ڪري سرنج جي ذريعي نشو واپرائيندڙ ماڻھن، کدڙن ۽ جسم فروشي ۾ ملوث عورتن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي. ايڇ آئي وي ايڊز کان بچاءُ لاءِ صحت کاتي ۽ ضلع انتظاميان شھيد بينظيرآباد جي گڏيل تعاون سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ريليون پڻ ڪڍيون ويون آھن جڏھن ته پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪري ايڊز جي اسڪريننگ ۽ علاج جو سينٽر پڻ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ رت جي چڪاس ۽ متاثر مريضن کي دوائون مفت ڏنيون پيون وڃن

ان کان علاوه صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي خاص هدايتن تي ضلعي شھيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر پاران ضلعي جي عوام جي سهولت ۽ ڏورانهن علائقن ۾ايڇ آئي وي ايڊز ۽ ھيپاٽائيٽس جون ٽيسٽون مفت ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي پھرين موبائيل ليبارٽري جو آغاز ڪيو ويو آهي ته جئين عوام کي ان خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ ۽ انھن کي علاج معالج جون بھتر سھولتون فراھم ڪري سگھجن جڏهن ته موبائيل ليبارٽري ضلعي جي مختلف شهرن، ڳوٺن، ۽ شهر جي چوراهن تي وڃي ڪري عوام جون مفت ٽيسٽون ڪرڻ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي عوام کي به اھڙين سھولتن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي مان ته سمجھان ٿو ايڇ آئي وي/ايڊز،هيپاٽائيٽس بي سي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين سان گڏ عام علاج معالجي لاءِ جيڪڏھن سرڪاري اسپتالن ۾سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي 24 ڪلاڪ ڊاڪٽرن ۽ عملي سان گڏ دوائن جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ته  جيئن عوام ڪنھن به تڪليف جي صورت ۾ سرڪاري اسپتالن جو  رخ ڪري نجي اسپتالن  ۽ عطائي ڊاڪٽرن کان بچي سگهي. ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز پڻ ٻين بيمارين وانگر هڪ بيماري آهي جنهن ڪري ماڻهن کي پريشان ٿيڻ بجاءِ ان جو وقت سر علاج ڪرائڻ گهرجي ۽ احتياط سان ئي هن بيماري سميت ٻين خطرناڪ بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.ان لاءِ مريض سان نه پر مرض سان نفرت ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو