ايوان نمائندگان جو بائيڊن کي خط، خان جي آزادي جو مطالبو

ايوان نمائندگان جو بائيڊن کي خط، خان جي آزادي جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ايوان نمائندگان جي 60 کان وڌيڪ ميمبرن آمريڪي صدر جوبائيڊن کي خط لکي پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ايوان صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم سميت پاڪستاني جيلن مان سياسي قيدين جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.خط ۾ صدر جو بائيڊن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو انساني حقن کي پاڪستان بابت آمريڪي پاليسي جو مرڪز بڻائي.ميمبرن پاران لکيل خط ۾ آمريڪي سفارتخاني جي آفيسرن کي پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي آهي.خط لکڻ وارن ميمبرن جي اڳواڻي ڪندڙ آمريڪي ميمبر گريگ ڪيسر جو چوڻ آهي ته آمريڪي ميمبرن اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو اجتماعي مطالبو ڪيو آهي، جيڪو آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو ڊگھي وقت کان نقاد آهي ۽ جنهن پاڪستان سان لاڳاپا خراب ڪيا آهن. هن چيو ته عمران خان کي 2022ع ۾ وزارت عظميٰ تان هٽائڻ کانپوءِ سندس خلاف درجنين ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ هو آگسٽ 2023ع کان جيل ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو