اين سي او سي پاران ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي تجويز رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا تي ضابطو آڻڻ لاءِ جوڙيل اداري اين سي او سي ڪراچي ۾ ٻن هفتن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون بابت سنڌ حڪومت جي تجويز رد ڪري ڇڏي. رٿا بندي جي وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي مدد ڪندي.

آڪسيجن وارا بيڊ، وينٽيليٽر مهيا ڪيا ويندا. محدود پابندين تي عمل ڪرائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سندن مدد ڪندا. ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح جيڪا 30 سيڪڙو کان وڌي وئي هئي اها گهٽ ٿي 26 سيڪڙو ٿي آهي. ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 84 مريض فوت ٿي ويا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين جا پوڻا ٽي ڪروڙ ڊوز لڳايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو