’اين جي سي‘ جي نئين ايم ڊي عهدو سنڀالي ورتو

’اين جي سي‘ جي نئين ايم ڊي عهدو سنڀالي ورتو

لاهور (پ ر) انجنيئر الطاف حسين نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان لميٽيڊ (اين جي سي) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طور عهدو سنڀالي ورتو آهي. ڪمپني جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الطاف حسين وٽ بجلي جي ترسيل ۽ تقسيم جي شعبي ۾ ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ بين الاقوامي تجربو آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1987ع ۾ واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) مان ڪيو، جتي هن ڏهه سالن کان وڌيڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. بعد ۾هو ڪينيڊا منتقل ٿيو، جتي هن پاور سيڪٽر ۾ 27 سال گذاريا. ھن وقت تائين هو ڪينيڊا جي وڏي برقي اداري بي سي هائيڊرو ۾ ڊائريڪٽر آف ايسٽ اسٽريٽجي اينڊ پلاننگ طور ڪم ڪري رهيو هو، جتي هن گرڊ سسٽم جي مضبوطي ۽ بجلي جي ترسيل ۾ بهتري لاءِ اهم منصوبا سرانجام ڏنا. بين الاقوامي ڪيريئر دوران به هو پاڪستان جي توانائي واري شعبي ۾ پنهنجو حصو ڏيڻ جي عزم تي قائم رهيو. مينيجنگ ڊائريڪٽر جي تقرري ان اھم وقت عمل ۾ آئي آهي جڏهن اين جي سي حڪومت جي سڌارن واري پروگرام تحت اڳوڻي نيم نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) مان نئين ڍانچي ڏانهن منتقلي جي مرحلي ۾ آهي. هن اصلاحاتي عمل هيٺ اين جي سي کي قومي ترسيلي خدمتن جي ڪمپني طور قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻه نوان ادارا به تشڪيل ڏنا ويا آهن: انڊيپنڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر (آءِ ايس ايم او) ۽ انرجي انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ اينڊ مينيجمينٽ ڪمپني (اي آءِ ڊي ايم سي). انهن سڌارن جو مقصد شفافيت، ڪارڪردگي ۽ پاور سيڪٽر جي مجموعي بهتري آهي. عهدو سنڀالڻ بعد، مسٽر الطاف حسين ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽرز، جنرل مينيجرز، سي- سوٽ آفيسرز، چيف انجنيئرز ۽ مينيجرز سان آن لائن خطاب ڪيو، جتي هن اين جي سي کي جديد ۽ ترقي پسند اداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وِزن جو خاڪو پيش ڪيو. هن ٽيم ورڪ، نون ٽيڪنالاجيز جي اپنائڻ ۽ هر سطح تي واضح رابطا برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو۔ هن اداري ۾ صلاحيتن جي وڌايل ترقي لاءِ مانيٽرنگ ۽ ڪوچنگ کي ضروري قرار ڏنو ۽ چيو ته اين جي سي کي جدت تي ٻڌل اداري طور اڳتي وڌايو ويندو، جتي عالمي بهترين طريقا ۽ جديد ٽرانسميشن مينيجمينٽ اپروچز اختيار ڪيون وينديون. هن اميد ظاهر ڪئي ته اين جي سي جون ٽيمون ملڪ جي بجلي جي ضرورتن ۽ اقتصادي ترقي جي حمايت لاءِ مقرر هدف بروقت حاصل ڪنديون. مينيجنگ ڊائريڪٽر طور، الطاف حسين اين جي سي جي ترسيلي نيٽ ورڪ ۽ آپريشنز جي بهتري لاءِ ڪمن جي نگراني ڪندو. هو سسٽم ۽ مارڪيٽ آپريشنز بابت آءِ ايس ايم او سان گڏجي ڪم ڪندو، جڏهن ته ڊولپمينٽ منصوبن ۾ اي آءِ ڊي ايم سي سان پڻ ويجهو سهڪار ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو