ايندڙ مهيني بجلي 1 روپيو في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

ايندڙ مهيني بجلي 1 روپيو في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ملڪ ۾ ايندڙ ٽي ماهي ائڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 1 روپيو في يونٽ تائين اضافي جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) پاران نيپرا ۾ ان سلسلي ۾ باقاعده درخواست جمع ڪرائي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سه ماهي ائڊجسٽمينٽ تحت شهرين کي ملندڙ 1 روپيو 99 پئسا في يونٽ وارو ريليف روايتي طور تي هلندڙ مهيني ختم ٿي رهيو آهي.ريليف جي مدت پوري ٿيڻ بعد ايندڙ مهيني کان سڄي ملڪ ۾ سہ ماهي ائڊجسٽمينٽ جي نالي تي بجلي جي قيمت ۾ اضافو باقي رهندڙ صارفين تي مڙهيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو