لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ايندڙ سال پي ايس ايل ۾ نون وينيوز جي واڌ جو اعلان پڻ ڪيو.پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي لاهور جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ڪرڪيٽ جي شوقينن فائنل ميچ ۾ بهترين نظم و ضبط ۽ زبردست جوش ڏيکاريو، قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جو جوش نظر اچي رهيو هو.محسن نقوي چيو ته زنده دل لاهور جي ڪرڪيٽ سان محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيو، ڪرڪيٽ جي شوقينن ٻنهي ٽيمن کي دل جي گهراين سان تاڙيون وڄايون ۽ راند مان ڀرپور لطف اندوز ٿيا، لاهور جي شهرين ثابت ڪيو ته انهن کي ڪرڪيٽ جي راند سان تمام گهڻي محبت آهي.پي سي بي چيئرمين چيو ته ميڙ لاءِ وزيراعظم کان اجازت وٺڻ ڏکيو هو، وزيراعظم چاهيندو هو ته پيٽرول گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪيو وڃي پر اجازت ڏيڻ ۾ سندس پنهنجو به مفاد هو، پي ايس ايل 12 هن پي ايس ايل کان وڏو ۽ بهتر هوندو.










