ايندڙ اليڪشن ۾ ڪراچي جون 20 سيٽون اسان جون هونديون

ايندڙ اليڪشن ۾ ڪراچي جون 20 سيٽون اسان جون هونديون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي مان 20 سيٽون کٽڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ اسان جا 5 ميمبر قومي اسيمبلي آهن، ايندڙ چونڊن ۾ اسان جون سيٽون وڌنديون.هن چيو ته ڪراچي مان ايندڙ چونڊن ۾ 20 سيٽون کٽينداسين.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي عوام جي علاج تي 82 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، ان جي باوجود چيو پيو وڃي ته شهر قائد جي عوام تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.هن چيو ته سنڌ جن چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، ان لاءِ متوازن بجيٽ ڏني وئي، منفرد ليبر ڪارڊ تيزي سان ٺاهڻ شروع ڪيا ويا آهن.سعيد غني اهو به چيو ته سويپرن جي گريڊ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان سندن پگهارون وڌنديون، صوبي ۾ پگهارن ۾ 35 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته چيو وڃي ٿو ته 173 ماڻهو کٽيا ۽ 193 ماڻهو هاريا، مان پڇان ٿو ته توهان کي 193 ووٽ مليا؟صوبائي وزير چيو ته جماعت اسلامي 20 سالن ۾ هڪ به سيٽ نه کٽي آهي، الخدمت آڊٽ ڪري ته اليڪشن ۾ ڪير پئسا استعمال ڪيا ويا.هن چيو ته هو ضلعي سينٽرل ۾ کٽيو پر ڀرتي نه ٿيو، نجومي کيس چيو ته هو ميئر جو اميدوار بڻجندو، هن سوچيو هو ته ميئر ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو