اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفد ايندڙ وفاقي بجيٽ تي ايم ڪيو ايم جون تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون.وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب، وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ وفد اربع ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا، جڏهن ته حڪومت طرفان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار رانا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.وفد وزيراعظم کي ايندڙ وفاقي بجيٽ تي ايم ڪيو ايم جون تجويزون پيش ڪيون.بيان موجب، ملاقات ۾ وفاقي حڪومت جي تحت ڪراچي ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي به تفصيلي بحث ڪيو ويو.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي هڪ اهم اتحادي آهي، ۽ ايم ڪيو ايم عوامي ڀلائي جي حوالي سان هر قدم تي حڪومت جي حمايت ڪئي.بيان موجب، وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو وڃي ۽ هڪ جامع ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي ۽ ان کي پيش ڪيو وڃي.ان کان علاوه، اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به بحث ڪيو ويو.










