ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان کان پوءِ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) به وفاقي حڪومت کان ناراض ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت ۾ شامل ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي ڪراچي بابت واعدا پورا نه ٿيڻ تي وزارت ڇڏڻ ۽ ڪابينا مان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. ايم ڪيو ايم جي اعلان کان پوءِ حڪمران جماعت ۽ وزيراعظم عمران خان طرفان ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرائڻ جي پڪ ڏياري وئي هئي. ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ لاءِ وفاقي وزير منصوبابندي اسد عمر جي اڳواڻي ۾ وفد ڪراچي پهتو پر حڪومتي وفد اتحادي جماعت کي پرچائڻ ۾ ناڪام رهي. جنهن کان پوءِ هاڻي وري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ترجمان سردار رحيم مطابق جي ڊي اي جا خدشا به هن مهل تائين برقرار آهن ۽ اسان به حڪومت کان ناراض آهيون. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪنداسين اسان سنڌ لاءِ ترقياتي منصوبا ۽ نوجوانن لاءِ روزگار گهريو هو جيڪي واعدا هن مهل تائين پورا ناهن ڪيا ويا. هن جو چوڻ هو ته اسان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪمراني تي به اعتراض ڪيو آهي سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ پنهنجا نواز واري پاليسي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شڪايتون وفاق کي ڪيون پر هن مهل تائين ڪو به جواب ناهي ڏنو ويو. سردار رحيم جو چوڻ هو ته پير پاڳارا جي هدايت تي جلد مشاورتي اجلاس گهرايو ويندو. ياد رهي ته حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاق ۽ پنجاب ۾ اتحادي حڪومت قائم آهي. وفاق ۾ حڪمران اتحاد ۾ مسلم ليگ (ق)، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) شامل آهن. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جون قومي اسيمبلي ۾ 3 سيٽون آهن جڏهن ته ڊاڪٽر فهميده مرزا وفاقي ڪابينا ۾ به شامل آهي ۽ هو وفاقي وزير بين الصوبائي رابطا آهي.










