ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي پاران متاثر سيوريج لائين جو معائنو،ايم ڊي واٽر بورڊ پاران متاثر سيوريج لائين جي مرمت جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون، تفصيل موجب تازو مون سون برساتن سبب پي آءِ ڊي سي چوڪ وٽ 72 انچن جي سيوريج لائين متاثر ٿي وئي، ان سلسلي ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي متاثر سيوريج لائين جو معائنو ڪندي چيف انجنيئر واٽر بورڊ آفتاب عالم چانڊيو کي هدايتون جاري ڪندي چيو تہ متاثر ٿيل سيوريج لائين جي مرمت جو ڪم جلد از جلد مڪمل ڪري شهرين کي پريشاني کان بچايو وڃي، چيف انجنيئر واٽر بورڊ پاران ايم ڊي واٽر بورڊ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ 72 انچ سيوريج لائين جي مرمت جو ڪم ڪالھ کان ھنگامي بنيادن تي جاري آهي، جڏهن تہ مرمت جو ڪم ايندڙ 4 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو تہ امڪاني برساتن سبب مرمتي ڪم ۾ ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون، ياد رهي تہ سيوريج لائين متاثر ٿيڻ سبب صدر، هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ، سول اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي، حقاني چوڪ، اردو بازار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيوريج جي اوور فلو جون شڪايتون آهن.










