ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) ايم ڊي واٽر بورڊ سان پيپلز ليبر يونين ۽ متحده ورڪرز فرنٽ سي بي اي اڳواڻن جي ملاقات ڪئي واٽر بورڊ جي نجڪاري ٿيڻ نہ ڏني ويندي. پيپلز ليبر يونين ۽ متحده ورڪرز فرنٽ اڳواڻن جون ڳالهيون ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ، رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ۽ بقايائون جي فوري ادائيگي جي لاء تڪڙا ۽ مؤثر قدم کنيا وڃن. اڳواڻن جو ايم ڊي واٽر بورڊ کان مطالبو تفصيل موجب پيپلز ليبر يونين ۽ متحده ورڪرز فرنٽ سي بي اي جي اڳواڻن ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ سان ملاقات ڪري ملازمن جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايم ڊي واٽر بورڊ فريده سلام سان ملاقات ڪندڙن ۾ مزدور اڳواڻ ۽ جنرل سيڪريٽري پيپلز ليبر يونين سيد محسن رضا، منصور ڪياني، مرتضيٰ زيدي، عاشر، اشفاق اعواڻ، ابراهيم رشيد ۽ متحده ورڪرز فرنٽ سي بي اي جو چيئرمين ارشاد خان، جنرل سيڪريٽري وسيم ابراهيم، انور حبيب ۽ ٻيا عھديدار شريڪ ھئا، ملاقات دوران اڳواڻن پاران ايم ڊي واٽر بورڊ سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو تہ هو واٽر بورڊ جي نجڪاري ٿيڻ جي اجازت ڪڏهن بہ نہ ڏيندا، جيڪڏهن انتظاميا اهڙو قدم کنيو تہ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ۽ عدالت سان رجوع ڪيو ويندو، ملاقات دوران اڳواڻن ايم ڊي واٽر بورڊ کي ميڊيڪل شعبي ۾ بهتري لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون، اڳواڻن پاران مسيحي برادري کي ايسٽر جي فوري ادائيگي ڪرڻ تي انتظاميا جا ٿورا مڃيا، گڏوگڏ اڳواڻن پاران ايم ڊي واٽر بورڊ کي بہ پرزور اپيل ڪئي تہ جلد از جلد ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ، رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ۽ بقايائون جي فوري ادائيگي جي لاء تڪڙا ۽ مؤثر قدم کنيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ پاران مزدور اڳواڻن کي يقين ڏياريو تہ ملازمن جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، جنھن تي اڳواڻن پاران ايم واٽر بورڊ کي اداري جي بهتري لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو










