ايم ايم اي اسٽار انيتا ڪريم جي ٿائيلينڊ ۾ وڏي ڪاميابي

ايم ايم اي اسٽار انيتا ڪريم جي ٿائيلينڊ ۾ وڏي ڪاميابي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ايم ايم اي اسٽار انيتا ڪريم ٿائيلينڊ جي رانديگرياڻي کي شڪست ڏئي شاندار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.انيتا ڪريم ليجنڊز فائٽنگ چيمپيئن شپ ۾ ٿائي رانديگر لکنيم بنسن کي شڪست ڏئي ڇڏي.پهرين راؤنڊ جي 5 منٽن ۾ انيتا لکنم تي پنچن جي برسات ڪئي، جنهن کانپوءِ انيتا جي مخالف صرف 25 منٽن ۾ ٻئي رائونڊ ۾ هارائي وئي.هنزا مان انيتا ڪريم جي اها چوٿين پروفيشنل فتح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو