پشاور: (بيورو رپورٽ) فيڊرل ڪانسٽيبلري(ايف سي) هيڊ ڪوارٽر تي آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي انهي ڪارروائي بابت وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.سي ٽي ڊي موجب فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽرز ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي انهي سلسلي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا جسماني عضوا حاصل ڪيا ويا آهن جن کي ڊي اين اي ٽيسٽنگ جي لاءِ ليبارٽري اماڻيو ويو آهي.دهشتگردي جي واقعي جي جاچ جي حوالي سان سي ٽي ڊي موجب ٽئي حملي آور هڪ ئي موٽر سائيڪل تي آيا هئا، دهشتگرد ڪوهاٽ روڊ ۽ سول ڪوارٽر کان ٿيندي واقعي واري هنڌ تي پهتا جتي حملي آورن ايف سي هيڊ ڪوارٽر کان ڪجهه فاصلي تي موٽر سائيڪل بيهاري.سي ٽي ڊي موجب دهشتگردن وٽ ڪلاشنڪوف ۽ 8 کان وڌيڪ دستي بم موجود هئا، پوليس دهشتگردي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل به پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايف سي هيڊ ڪوارٽر پشاور تي 3 دهشتگردن حملي جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ دهشتگردي جي انهي ڪارروائي ۾ 3 جوان شهيد ۽ 11 زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ٽئي دهشتگرد مارجي ويا هئا.










