لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ ڀارت طرفان پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ واري معاملي تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) کي خط لکي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اي سي سي کي لکيل خط ۾ ڀارت ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ خط ۾ بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئشا جي بيان جي مذمت ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اي سي سي جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.










