ايشز سيريز، آسٽريليا جو پهرين ٽيسٽ لاءِ ٽيم جو اعلان

ايشز سيريز، آسٽريليا جو پهرين ٽيسٽ لاءِ ٽيم جو اعلان

ميلبورن (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا ايشيز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ايشيز سيريز جو پهريون ٽيسٽ 21 نومبر تي پرٿ ۾ شروع ٿيندو.پيٽ ڪمنز جي غير موجودگي ۾ اسٽيو سمٿ ٽيم جي اڳواڻي ڪندو، ڪپتان پيٽ ڪمنز اڃا تائين پٺي جي تڪليف مان صحتياب نه ٿيو آهي.پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ ٽيم ۾ شين ايبٽ، اسڪاٽ بولنڊ، ايليڪس ڪيري ۽ برينڊن ڊوگيٽ شامل آهن. ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ ۽ جوش انگلس پڻ اسڪواڊ جو حصو آهن.عثمان خواجه، مارنس لابوشگن، نيٿن ليون، مچل اسٽارڪ، جيڪ ويدرالڊ ۽ بيو ويبسٽر پڻ پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ ٽيم ۾ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو