ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نوجوان ڀارتي بيٽسمين اِيشان ڪِشن 131 بالن تي 210 رنسون اسڪور ڪري ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هو تيز ترين ۽ گهٽ عمر ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ وارو رانديگر بڻجي ويو آهي. هن پهرين ميچ ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. بنگلاديش خلاف ٽئين ون ڊي ميچ ۾ ڪپتان روهت شرما جي زخمي هئڻ سبب کيس حادثاتي طور چانس مليو ۽ شيکر ڌون سان اننگ اوپن ڪئي. شيکر ته 3 رنز ٺاهي 15 رنز جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو پر ايشان ڪشن ويرات ڪوهلي سان ٻئي وڪيٽ جي 290 رنز جي پارٽنر شپ ۾ 210 رنز اسڪور ڪري سڀني جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا. 10 ڇڪن ۽ 24 چوڪن جي مدد سان صرف 131 بالن تي 210 رنز اسڪور ڪندڙ ايشان کي تسڪين جي بال تي لٽن داس ڪيچ ڪيو. پهرين ميچ ۾ پليئر آف دي ميچ جو اعزاز حاصل ڪندڙ ايشان آئوٽ ٿيڻ تي خوش نه هو ۽ سندس چوڻ هو ته منهنجو ٽارگيٽ ٽرپل سينچري جو هو ڇو ته اڃا 15 اوور باقي هئا پر قسمت ساٿ نه ڏنو.
ايشان ڪشن 2017 ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ روهت شرما کانپوءِ پهريون ايڏو وڏو اسڪور ڪندڙ ڀارتي رانديگر آهي. جڏهن ته روهت، ٽنڊولڪر ۽ سهواڳ کانپوءِ چوٿون ڀارتي ڊبل سينچري ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي.ڇنڇر تي ميچ ختم ٿين واري ڏينهن تائين 24 سال 145 ڏينهن جي عمر واري ايشان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي جنهن رڳو 126 بالن تي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي. ان کان اڳ ۾ نوجوان ترين رانديگر جي ڊبل سينچري جو رڪارڊ روهت شرما وٽ هو جنهن 26 سال 186 ڏينهن جي عمر ۾ 2013 ۾ آسٽريليا خلاف ڊبل سينچري اسڪور ڪئي هئي. جڏهن ته تيز ترين ڊبل سينچري ٺاهڻ جو رڪارد اڳ ۾ ڪرس گيل جو هو جنهن اهو ڪارنامو 2015 جي ورلڊ ڪپ ۾ زمبابوي خلاف 138 بالن تي سرانجام ڏنو هو. هاڻي ٻنهي کان اهو رڪارڊ ايشان کسي ورتو آهي. ايشان بنگلاديش خلاف ڊبل سينچري ٺاهيندڙ پهريون رانديگر آهي. اڳ ۾ هن ملڪ خلاف وڏو اسڪور ٺاهڻ جو رڪارڊ چارلس ڪوونٽري جو هو جنهن 194 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهيون هيون. شين واٽسن بنگلا ديش خلاف 2011 ۾ 185 رنز ناٽ آئوٽ اسڪور ڪيون هيون. بنگلا ديش خلاف ٻئي وڪيٽ جي ڊگهي پارٽنر شپ هاشم آملا ۽ ڪوئنٽن جو هو جيڪو 282 رنز جو هو پر اشان ڪوهلي سان ملي 290 رنز جي پارٽنر شپ جو نئون رڪارڊ به قائم ڪيو آهي. ڀارت جو بنگلاديش خلاف ٽوٽل ميچ اسڪور جو رڪارڊ 2011 ۾ 370 رنز تي 4 آئوٽ هو، جيڪو هاڻي 409رنز 8 وڪيٽن جي نقصان تي ٺاهڻ جو آهي. هن ميچ ۾ ڀارت بنگلاديش کي 227 رنز تان شڪست ڏني هئي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو