حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ حاڪم زادي ٿيٻو سعيد ميمڻ جو ڀاءُ عبدالرشید ميمڻ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سعيد ميمڻ کي 17 مئي تي بلوچستان جي حدن مان اغوا ڪيو ويو، جنهن جي اڃا تائين ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي. هنن چيو ته واقعي جي پهرين ڏينهن کان ئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين بلوچستان جي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن، قومي شخصيتن ۽ بلوچ سردارن سان مسلسل رابطن ۾ آهن ۽ سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري آهن، پر افسوس جو اڃا تائين سندس باري ۾ ڪا به ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي. اڳواڻن چيو ته سعيد ميمڻ نه صرف سنڌ جو هڪ اديب، دانشور ۽ سماجي شعور رکندڙ شخص آهي، پر هو سنڌ جي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل هڪ متحرڪ خاندان جو فرد پڻ آهي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ جو ڀاءُ آهي. هنن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جا لاڳاپا تاريخي طور تي ڀائراڻا، دوستانه ۽ گڏيل جدوجهدن سان جڙيل رهيا آهن. ٻنهي قومن قومي حقن، جمهوريت، انساني حقن ۽ وسيلن جي مالڪي جهڙن اهم مسئلن تي گڏيل جدوجهد ڪئي آهي. ان ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي بلوچ قوم جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿي ۽ اڄ جڏهن سنڌ جو هڪ پٽ گم آهي ته بلوچ قوم ۽ سندن قومي اڳواڻن کي اپيل ڪريون ٿا ته سعيد ميمڻ جي باحفاظت بازيابي لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن.هنن مطالبو ڪيو ته بلوچستان ۽ سنڌ حڪومتون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ لاڳاپيل اختيارين هن سنگين واقعي جو فوري نوٽيس وٺن ۽ سعيد ميمڻ جي جلد ۽ محفوظ بازيابي لاءِ سموريون ڪوششون عمل ۾ آڻين. اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي بي حسي، خاموشي ۽ سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ سنجيده قدم نه کڻڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ٿي، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اعلان ڪيل شيڊيول موجب 3 جون تي نواب شاهه ۾ وائيس چيئرمين نثار علي ڪيريو، رفيق ملاح ۽ شاھنواز ڪيريو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، 4 جون تي ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، خدا بخش درس ۽ اقبال حاجاڻو احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندا، 5 جون تي ضلعي گھوٽڪي ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو، محمد علي شيخ ۽ منظور شيخ احتجاجي پروگرام جي اڳواڻي ڪندا، 6 جون تي ضلعي حيدرآباد ۾ پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، حيدر ملاح ۽ جان محمد جوڻيجو احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندا، 7 جون تي ضلعي بدين ۾ ڊاڪٽر احمد نوناري، جمن سنڌي ۽ شاھنواز سيال احتجاجي پروگرام جي اڳواڻي ڪندا، 8 جون تي ڪراچي ڊويزن ۾ ڊويزنل ڪميٽي ڪامريڊ ادريس چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، 9 جون تي ضلعي مٽياري ۾ هوت خان گاڏهي، قادر چنا، محمد علي ابڙو، فتاح ڳاهوٽي ۽ قربان ارباب احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندا، جڏهن ته 10 جون تي ضلعي ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر سومار مڱريو، ڄام شوڪت ابڙو ۽ پرويز نوحاڻي احتجاجي پروگرام جي اڳواڻي ڪندا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن عوام، سياسي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، وڪيلن، شاگردن، صحافين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته سعيد ميمڻ جي باحفاظت بازيابي لاءِ جاري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ احتجاجي مهم کي ڪامياب بڻائين، جيئن سعيد ميمڻ جي جلد بازيابي کي يقيني بڻائي سگهجي.










