افغان پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف احتجاج

افغان پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف احتجاج

ڪراچي (باغي ساگر پنھوار ) سنڌ نيشنل پارٽي پاران افغان پناهگيرن کي نادرا طرفان سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو.سنڌ ۾ ڌارين کي سڄاڻپ ڪارڊ ٺاھڻ ڏيندڙن خلاف خلاف ڪارروائي ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو.ڪراچي سنڌ نيشنل پارٽي  پاران افغان پناهگيرن کي نادرا طرفان سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف سنڌ نيشنل پارٽي جي مرڪزي وائيس چئيرمين جي اڳواڻي ۾ مرڪزي آفيس مان ڀٽائي چونڪ لاسي ڳوٺ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي ريلي کي خطاب ڪندي مرڪزي وائيس چئيرمين ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي سڄاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. ڌارين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙ نادرا اختيارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن توڙي نوڪرين تي ڌارين کي قابض ٿيڻ نه ڏينداسين.هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ افغان پناهگيرن کي سڄاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ڌارين کي سنڌ نيڪالي ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو