ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟

ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري ايسٽرولوجوسٽ ڀڳوانداس جٽيا هنديءَ جي لال ڪتاب آڌار تي پيشنگوئي ڪئي آهي ته، ڀ، ف، ڦ۽ ڌ جي الفابيٽ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن لاءِ 16 ڊسمبر کان 15 فيبروري تائين ذهني خلفشار ۽ ڇڪتاڻ وارو وقت رهندو. انهن نالن وارن ماڻهن جي طالع ۾ سج ۽ چوٿين گهر ۾ پاپ گرهه راهو جي داخل رهڻ ڪري صحت جا مسئلا درپيش رهندا. انهن نالن وارن ماڻهن جي خرچن م اصافي ٿي سگهي ٿو، ڏيتي ليتي، شاهدي يا ضمانت ڏيڻ کان محطاط رهن گهرجي، باس، پارٽنر يا دوستن سان بحث ۽ تڪرار کان پاسو ڪرن گهرجي. کين ڄاڻايل عرصي دوران صبر ۽ ڪمپرومائيز کان ڪم وٺڻ گهرجي. آچر جي ڏينهن ڪنهن غريب کي ڪپڙو وغيره دان ڪرڻ مفيد رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو