تحران (ويب ڊيسڪ)ايران ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي خلاف جاري احتجاج مختلف شهرن ۾ پکڙجي ويو آهي، پرتشدد مظاهرن ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا آهن.ايراني ميڊيا موجب، ايران جي لورستان، فاسا ۽ ازنا شهرن ۾ مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ جهڙپون ٿيون. مظاهرين ڪيترن ئي شهرن ۾ سرڪاري عمارتن تي به حملو ڪيو ۽ پوليس اسٽيشنن کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.رپورٽن موجب، پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ، رٻڙ جون گوليون ۽ آنسو گيس جو استعمال ڪيو.ايراني ميڊيا موجب، مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ جهڙپن ۾ هڪ سيڪيورٽي آفيسر سميت ڇهه ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا. پوليس فسادن ۾ ملوث ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.ايراني ميڊيا موجب، شهري وڌندڙ مهانگائي ۽ ڪرنسي جي گهٽجندڙ قدر خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. گادي واري هنڌ تهران ۾ شروع ٿيندڙ احتجاج هاڻي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به پکڙجي ويا آهن.ياد رکڻ گهرجي ته مغربي پابندين جي ڪري ايراني ريال مسلسل گهٽجي رهيو آهي، جنهن جي ڪري مهانگائي تيزي سان وڌي رهي آهي.










