اهم ۽ عملي اپائن تي بحث ٿيو، ايران ڳالهين مان مطمئن

اهم ۽ عملي اپائن تي بحث ٿيو، ايران ڳالهين مان مطمئن

جنيوا(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ ايران ۾ ايٽمي معامن بابت اڻ سڌين ڳالهين جو ٽيون دور عماني پرڏيهي وزير معرفت جنيوا ۾ ٿيون. ڳالهين جي پڄاڻي تي ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته اهم ۽ عملي تجويزن تي غور ويچار ۽ بحث ٿيو آهي. عمان جي پرڏيهي وزير البوسعيدي، وٽڪوف ۽ ڪشنر سان ملاقات بعد چيو آهي ته آمريڪي “ڳالهين ڪندڙ نون ۽ تخليقي خيالن ۽ حلن لاءِ بي مثال کليل ذهن جو مظاهرو ڪيو آهي.”
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٻيهر چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح آهي ته هو ايران جي معاملي ۾ سفارتڪاري کي ترجيح ڏئي ٿو۔
ايران ڳالهين کان اڳ عمان کي هڪ مسودي واري تجويز پيش ڪئي، جنهن جو مقصد آمريڪا جي “سنجيدگي” جو اندازو لڳائڻ آهي۔
جنگ جي وڌندڙ خدشن جي وچ ۾ ايران جي پرڏيهي وزير اراغچي خبردار ڪيو ته “ڪنهن لاءِ به ڪا فتح نه هوندي ـ اها تباهه ڪندڙ جنگ هوندي.”
ڳالهين کان اڳ البوسعيدي عالمي ايٽمي توانائي اداري جي سربراهه سان به ملاقات ڪئي۔
عمان چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا “نئين ۽ تخليقي خيالن” لاءِ کليل ذهن رکن ٿا۔
ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪ عمان جي سرڪاري خابرو اداري موجب، پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي جي هڪ تصوير پڻ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هو جنيوا ۾ آمريڪي نمائندن اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر سان ملاقات ڪندي نظر اچي رهيا آهن۔
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ البوسعيدي جي حوالي سان چيو ويو آهي ته ملاقات دوران ايران جي “تجويزن” ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام جي “بنيادي عنصرن” بابت آمريڪا جي “جوابن ۽ سوالن” جو جائزو ورتو ويو، گڏوگڏ ڪنهن به معاهدي تائين پهچڻ لاءِ “ضروري ضمانتن” تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو