ايران جا وڏا حملا، ايران جا رهائشي ان جي قيمت ادا ڪندا،اسرائيل

ايران جا وڏا حملا، ايران جا رهائشي ان جي قيمت ادا ڪندا،اسرائيل

تهران (ويب ڊيسڪ)ڏينهن جو تهران تي اسرائيل جي حملن کان پوءِ ايران اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن جو مينهن وسائي ڇڏيو جنهن ۾ ڇهه اسرائيلي زخمي ٿيا ۽ اطلاع آهن ته ڪيترن ئي عمارتن کي نقصان پهتو، جيئن ئي ايران جا ميزائل پهتا، تل ابيب، حيفا ۽ اسرائيل جي ٻين شهرن ۾ سائرن وڄايا ويا، ۽ شهرين کي هدايت ڪئي وئي ته اهي پناهه گاهه ۾ وڃن ۽ ايندڙ اطلاع تائين ٻاهر نه نڪرن،اسرائيل پنهنجا سڀئي هوائي اڏا ۽ هوائي حدون مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيون آهن.ٽائمز آف اسرائيل جي مطابق، ايراني بيلسٽڪ ميزائلن جي اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مارجڻ جي رپورٽن کان پوءِ هنگامي خدمتون موڪليا ويا آهن.تازين حملن ۾ ڏکڻ اسرائيل ۾ 4 شهري زخمي ٿيا آهن، ۽ حيفا ۾ باهه لڳي وئي آهي، جتي 2 شهري پڻ زخمي ٿيا آهن، اتر اسرائيل ۾ نقصان جي رپورٽون آهن.يروشلم پوسٽ جي مطابق، ‘زڪا’ رپورٽ ڪئي ته هڪ ميزائل سڌو سنئون اتر اسرائيل ۾ هڪ عمارت تي لڳو، جتي ٽيمون موڪلي رهيون آهن.عرب ميڊيا موجب، ايراني هائپرسونڪ ميزائل حملي ۾ اسرائيل ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، هزارين ماڻهو زمين هيٺ لهي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل ۾ خوف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو