واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته ايران آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. آمريڪي اخبار چيو آهي ته آمريڪي حملي جو جواب ڏنو ويندو، اخبار جو چوڻ آهي ته آمريڪي اڏن تي حملو عراق کان شروع ٿي سگهي ٿو. آمريڪي اخبار چيو آهي ته ايران آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگون وڇائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪندو.حوثي ڳاڙهي سمنڊ ۾ جهازن کي نشانو بڻائيندا.










