تهران (ويب ڊيسڪ)اسرائيل سان جنگ بندي جي ڇهن ڏينهن کانپوءِ، ايران ملڪ جي مغربي هوائي حدون غير ملڪي ايئر لائنز جي اوور فلائيٽ لاءِ مشروط طور تي کوليو آهي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ 13 جون تي شروع ٿي ۽ 25 جون تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ بندي ٿي. جنگ بندي جي ٻئي ڏينهن، ايران اڳواٽ اجازت سان پنهنجي اوڀر واري هوائي حدون کوليون، پر اولهه واري هوائي حدن کان اوور فلائيٽس بند ڪيون ويون، جيڪي سومر تي ٻيهر کوليون ويون. ايران جي اولهه واري هوائي حدن مان گذرڻ لاءِ پرڏيهي هوائي اڏامن کي (FL245) کان مٿي، يعني 24,500 فوٽ، اڏامڻ گهرجي. جاري ڪيل نوٽم موجب، لاڳاپيل فلائيٽ انفارميشن ريجن (ايف آءِ آر) ۾ لينڊنگ يا ٽيڪ آف ڪندڙ پروازون انهن حڪمن جي تابع نه آهن.










