ايران معاملي تي پاڪستان جو ڪردار تسليم، آمريڪي پڌرائي

ايران معاملي تي پاڪستان جو ڪردار تسليم، آمريڪي پڌرائي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو خطي ۾ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ ايران سان ڳالهين ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جي تعريف ڪئي آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي پاڪ-آمريڪي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستان جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪئي آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، ايران سان ڳالهين ۾ ثالث جي حيثيت سان پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ۽ پاڪستان خطي ۾ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته اسحاق ڊار-مارڪو روبيو ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي بحث ٿيو. داعش خراسان خلاف گڏيل حڪمت عملي تي به بحث ڪيو ويو. پاڪ-آمريڪي دهشتگردي جي خلاف ڳالهيون آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿينديون.پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، ۽ دار-روبيو ملاقات ۾ معدنيات ۽ کان کني جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن تي به بحث ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو