ايران سٺو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هرمز تي مڪمل ڪنٽرول آهي: ٽرمپ

ايران سٺو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هرمز تي مڪمل ڪنٽرول آهي: ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو آهي ته ايران باقي اختلافن جي باوجود هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو.ڏکڻ ڪيرولائنا جي ميرٽل بيچ لاءِ جوائنٽ بيس اينڊريوز ڇڏڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي، ٽرمپ چيو ته هو هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ هو هڪ سٺو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.ٽرمپ چيو ته ايران وٽ پئسا نه آهن، نه بحري فوج ۽ نه هوائي فوج، جڏهن ته اهو پنهنجي سپاهين ۽ پوليس آفيسرن کي پگهار نه ڏئي رهيو آهي.ٽرمپ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ايران ۾ افراط زر 350 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي. هاڻي اسان ڏسنداسين ته ڇا ٿيندو.آبنائي هرمز جي بندش جو حوالو ڏيندي، هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو سڄي علائقي تي مڪمل ڪنٽرول آهي، جنهن ۾ آبنائے هرمز ۽ ان سان گڏ زميني علائقا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو