خامنائي جنازو، آخري رسمن ۾ لکين ماڻهو شريڪ، بدلو بدلو جا نعرا، هفتي جي مهلت ڏني اٿم، ٽرمپ

خامنائي جنازو، آخري رسمن ۾ لکين ماڻهو شريڪ، بدلو بدلو جا نعرا، هفتي جي مهلت ڏني اٿم، ٽرمپ

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران آمريڪا سان معاملو طئي ڪرڻ چاهي ٿو، ايران کي جنازي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني آهي. آمريڪا جي 250هين يومِ تاسيس جي تقريبن جي شروعات ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان هڪ ئي ڏينهن ۾ وينزويلا کي شڪست ڏني، ۽ ايران کي به بري طرح نشانو بڻايو، اهي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ بيتاب آهن، اهي وڏي شدت سان سمجهوتو ڪرڻ چاهين ٿا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته اسان کين جنازي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني، ڇاڪاڻ ته اسان سٺا ماڻهو آهيون، آمريڪا ڪڏهن به ڪنهن بادشاهه جي سامهون نه جهڪيو آهي، آمريڪا دنيا جو طاقتور ترين ملڪ آهي. ٽرمپ چيو ته آمريڪا آمريڪي ڪلچر کانسواءِ آزاديءَ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي، آمريڪا کان وڌيڪ دنيا مان بک جو خاتمو ڪنهن به ناهي ڪيو، آمريڪا پنهنجي پاڙيسرين جي ڏکي وقت ۾ هميشه مدد ڪئي آهي، آمريڪي تمام مضبوط قوم آهن. آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا امن پسند آهي پر ڪنهن به خطري کي برداشت نه ڪندو، اسان دنيا جي طاقتور ترين فوج ٺاهي آهي، آمريڪا ٻه عالمي جنگيون کٽيون، بائيڊن انتظاميا آمريڪا کي تباهه ڪري ڇڏيو، ٻه سال اڳ تائين دنيا اسان تي کلندي هئي، هاڻي عزت ڪندي آهي.
خامنائي جنازو، آخري رسمن ۾ لکين ماڻهو شريڪ، هفتي جي مهلت ڏني اٿم، ٽرمپ
ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ شهيد ٿيل ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ سندس خاندان جي ڪيترن ئي ميمبرن جي جنازي جي ڪيترن ڏينهن تي پکڙيل تقريبن ۽ سوڳ جي شروعات لاءِ ماڻهو وڏي انگ ۾ گڏ ٿيا آهن. اميد ڪئي پئي وڃي ته 9 جولاءِ تائين ايران ۽ عراق جي مختلف هنڌن تي ٿيندڙ انهن تقريبن ۾ لکين ماڻهو، جن ۾ پرڏيهي معزز شخصيتون پڻ شامل آهن، شرڪت ڪندا. جنازي ۾ شريڪ ماڻهو بدلو بدلو جا نعرا هڻي رهيا هئا.
سيڪيورٽي خطرا: ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ کي نشانو بڻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش خلاف خبردار ڪيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا جنازي جي تقريبن دوران ايران کي ”هڪ هفتي جي رعايت“ ڏني آهي، ”ڇاڪاڻ⁠تہ اسان سٺا آهيون،“ ۽ دعويٰ ڪئي ته ايران ”معاهدو ڪرڻ لاءِ بيحد بيچين آهي.“
قتل جي خبرداري: ٻئي طرف، سي اين اين موجب ٻن آمريڪي عملدارن جي حولي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪي اختيارين ايران کي خبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته کين خدشو آهي ته اسرائيل هن بهار دوران ڳالهين جي سلسلي ۾ تهران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ پرڏيهي وزير کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. ايران جنازي جي تقريبن کان اڳ اهي ڳالهيون عارضي طور روڪي ڇڏيون آهن.
ٽرمپ ايران جي بجاءِ پنهنجي ملڪ ۾ غذائي کوٽ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي: قاليباف
ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ چيف ڳالهائيندڙ محمد باقر قاليباف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران جي غذائي صورتحال بابت تازي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو دعويٰ ورجائي آهي ته مستقبل ۾ جيڪڏهن ايران سان ڪو امن معاهدو ٿئي ٿو ته ايران پنهنجي زرعي ضرورتن لاءِ آمريڪا کان خوراڪ خريد ڪندو، جيتوڻيڪ ايران ان دعويٰ جي پهرين ئي ترديد ڪري چڪو آهي. ٽرمپ چيو ته کين خوراڪ جي ضرورت آهي، کين مڪئي، ڪڻڪ ۽ سويا بين کپي، ۽ اهو سڀ صرف اسان جا آمريڪي هاري فراهم ڪندا. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايل ايس (ٽويٽر) تي پنهنجي بيان ۾ محمد باقر قاليباف ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪندي طنزيه انداز ۾ چيو ته ذرا تصور ڪريو، توهان جي پنهنجي ملڪ جا چار ڪروڙ کان وڌيڪ شهري فوڊ اسٽيمپس تي گذارو ڪري رهيا هجن، ۽ توهان ڪنهن ٻئي ملڪ کي بکيو قرار ڏئي رهيا هجو. هن وڌيڪ چيو ته اهو ڪو حقيقت تي ٻڌل اعلان ناهي، پر پنهنجي ئي صورتحال جو عڪس آهي، پنهنجي سنيپ (SNAP) اسڪيم جا مشورا پنهنجي وٽ ئي رکو.باقر قاليباف چيو ته اسان جا وسيلا اسان جا پنهنجا آهن، اسان جا فيصلا به اسان جا پنهنجا آهن، بهتر ٿيندو ته توهان پنهنجي ملڪ ۾ غذائي کوٽ جي مسئلن تي ڌيان ڏيو.
تهران جي امام خميني مصليٰ ۾ علي خامنه اي جي عوامي الوداعي تقريب جي شروعات
ايران ۾ اڳوڻي رهبرِ اعليٰ ۽ سندن گهرڀاتين جي آخري رسمن جو سلسلو جاري آهي، عوامي جنازي ۽ الوداعي رسمن جي اڄ کان باقاعدي شروعات ڪئي وئي.ٽن جولاءِ تي بين الاقوامي خراجِ عقيدت جي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اڄ صبح تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز امام خميني مصليٰ ۾ ٻن ڏينهن جي عوامي الوداعي تقريب جي شروعات ٿي وئي آهي.اڄ مقامي وقت مطابق صبح 6 بجي دروازا کوليا ويا ۽ پنج جولاءِ تي رات اٺين بجي بند ڪيا ويندا، مرڪزي نمازِ جنازه پنج جولاءِ جي صبح جو ادا ڪئي ويندي.خامنه اي کان علاوه، سندن نياڻي بشريٰ حسيني خامنه اي، نُهن زهرا حداد عادل (مجتبيٰ خامنه اي جي گهر واري)، ناٺي مصباح الهديٰ باقري ۽ ننڍڙي ڏوهٽي زهرا محمدي جا تابوت پڻ سوڳوارن جي سامهون رکيا ويا آهن.ڇهه جولاءِ تي تهران ۾ جنازي جو جلوس شروع ٿيندو، اهو جلوس مقامي وقت مطابق صبح جو ڇهين بجي شروع ٿيندو، منتظمين گاديءَ واري شهر ۾ پکڙيل هڪ رستي جي چونڊ ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ آهي ته متوقع هجوم لاءِ ڪا هڪ سڙڪ ڪافي نه هوندي، اختيارين کي اميد آهي ته اها تقريب شام تائين پڄاڻي تي پهچندي. هڪ تقريب ايران جي مذهبي مرڪز قم ۾ مقامي وقت مطابق صبح جو تقريبن پنجين بجي شروع ٿيندي جنهن ۾ جمڪران مسجد اندر هڪ سينئر عالمِ دين نماز جي امامت ڪندو. عراق ۾ ايران جي ثقافتي اتاشي غلام رضا اباذري ٻڌايو ته ميت ست جولاءِ جي شام جو نجف پهچندي، ميت جي ايران واپسيءَ کان اڳ، اٺ جولاءِ تي نجف ۾ مقامي وقت مطابق صبح جو ڇهين بجي ۽ ڪربلا ۾ ٻپهرن کانپوءِ چئين بجي جنازي جا جلوس ڪڍيا ويندا.نو جولاءِ تي شهيد علي خامنه اي جي تدفين اتر-اوڀر شهر مشهد ۾ واقع شيعا فقه جي اٺين امام، امام رضا جي مزار تي ڪئي ويندي.
آمريڪا خلاف جدوجهد ۾ ايراني قوم فاتح بڻجي اڀرندي: دميتري ميدويديف
روس جي اڳوڻي صدر دميتري ميدويديف چيو آهي ته آمريڪا جي خلاف جدوجهد ۾ ايراني قوم فاتح بڻجي اڀرندي. روس جي اڳوڻي صدر دميتري ميدويديف ايران ۾ ڳالهائيندي چيو ته ايراني قوم آمريڪا يا ڪنهن به ٻئي ملڪ جي دٻاءُ ۾ نه ايندي، آيت الله خامنه اي جي شهادت تي روس به ايران جي ڏک ۾ شريڪ آهي، سپريم ليڊر جي شهادت ايراني قوم کي متحد ڪري ڇڏيو.روسي وفد جي ايران جي صدر سان پڻ ملاقات ٿي، مسعود پزشڪيان ايران روس اسٽريٽجڪ معاهدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو