تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي هڪ سينيئر عهديدار جمعي ڏينهن چيو ته ايران ڪنهن به حملي کي “اسان خلاف مڪمل جنگ” سمجهندو، جڏهنته ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪي فوجي جهاز بردار ٻيڙين جو اسٽرائيڪ گروپ ۽ ٻيا فوجي وسيلا وچ اوڀر ۾ پهچڻ وارا آهن۔
گمنامي جي شرط تي ڳالهائيندي سينيئر ايراني عهديدار چيو: “هي فوجي گڏجاڻي ـ اسان کي اميد آهي ته اها حقيقي ٽڪراءَ لاءِ ناهي ـ پر اسان جي فوج بدترين صورتحال لاءِ مڪمل تيار آهي. ان ڪري ايران ۾ هر شيءِ هاءِ الرٽ تي آهي۔”
هن وڌيڪ چيو: “هن ڀيري ڪنهن به حملي کي ـ محدود هجي، غير محدود، سرجيڪل هجي، ڪائنيٽڪ هجي يا جيڪي به نالا ڏنا وڃن ـ اسان مڪمل جنگ سمجهنداسين، ۽ ان جو سخت ترين انداز ۾ جواب ڏينداسين ته جيئن ان جو حساب برابر ڪيو وڃي۔”
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خميس ڏينهن چيو ته آمريڪا وٽ ايران ڏانهن ويندڙ هڪ ‘آرمادا’ (وڏي بحري فوج) موجود آهي، پر هن اميد ظاهر ڪئي ته کيس ان کي استعمال ڪرڻو نه پوندو، جڏهنته هن تهران کي مظاهرين کي قتل ڪرڻ يا پنهنجو نيوڪليئر پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ خلاف خبردار به ڪيو۔
ايراني عهديدار چيو: “جيڪڏهن آمريڪين ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي ڪئي ته اسان ضرور جواب ڏينداسين۔” تنهن هوندي به هن اهو نه ٻڌايو ته ايران جو جواب ڪهڙي نوعيت جو هوندو۔
هن وڌيڪ چيو: “اهڙو ملڪ جيڪو آمريڪا طرفان لڳاتار فوجي خطري هيٺ هجي، ان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي سواءِ ان جي ته هو پنهنجا سڀ وسيلا استعمال لاءِ تيار رکي ته جيئن حملي کي روڪي سگهجي ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته توازن بحال ڪيو وڃي، ڪنهن به اهڙي ڌر خلاف جيڪا ايران تي حملو ڪرڻ جي جرئت ڪري۔”
ماضي ۾ آمريڪي فوج ڪڏهن ڪڏهن وڌندڙ ڇڪتاڻ جي وقت وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي موجودگي وڌائيندي رهي آهي، جيڪي گهڻو ڪري دفاعي نوعيت جا قدم هوندا هئا۔ تنهن هوندي به، گذريل سال آمريڪا ايران جي نيوڪليئر پروگرام تي جون مهيني ۾ ڪيل حملن کان اڳ وڏي پيماني تي فوجي تياري ڪئي هئي۔
ايئر فرانس دبئي لاءِ پروازون معطل، ڪي ايل ايم وچ اوڀر جون اڏامون روڪي ڇڏيون
جمعي ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ ٻن يورپي ايئرلائنز وچ اوڀر جي شهرن ڏانهن پروازون معطل ڪري ڇڏيون۔ ايئر فرانس چيو ته جاگرافيائي ۽ سياسي صورتحال سبب دبئي لاءِ خدمتون عارضي طور بند ڪيون پيون وڃن۔
ڊچ ايئرلائن ڪي ايل ايم (KLM) به ايندڙ اطلاع تائين وچ اوڀر جي شهرن ڏانهن پروازون روڪي ڇڏيون آهن، ۽ نيدرلينڊز جي سرڪاري نشرياتي اداري موجب، اها عراق ۽ ايران سميت علائقي جي ڪيترن ملڪن جي هوائي حدن مان به اڏامون نه ڪندي۔
فرانس جي قومي ايئرلائن اي ايف پي کي جاري بيان ۾ چيو:“وچ اوڀر ۾ موجوده صورتحال سبب، ڪمپني دبئي لاءِ پنهنجون خدمتون عارضي طور معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔”
ايئرلائن وڌيڪ چيو ته اها “پنهنجن جهازن جي خدمتن ۽ جن علائقن مٿان اڏام ٿئي ٿي، اتي جي جاگرافيائي ۽ سياسي صورتحال تي لڳاتار نظر رکي رهي آهي” ته جيئن پروازن لاءِ “سڀ کان وڌيڪ حفاظت ۽ سلامتي” کي يقيني بڻائي سگهجي۔
ايئر فرانس چيو ته اها صورتحال کي حقيقي وقت ۾ مانيٽر ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي پروازن جي شيڊول بابت وڌيڪ تازه ڪاريون ڏيندي۔
ڪي ايل ايم جمعي ڏينهن ڊچ سرڪاري نشرياتي اداري NOS کي ٻڌايو ته هن تل ابيب، دبئي، دمام ۽ رياض لاءِ پروازون ايندڙ اطلاع تائين معطل ڪري ڇڏيون آهن، ۽ عراق، ايران، اسرائيل ۽ خليج جي ڪيترن ملڪن جي هوائي حدن مان اڏامون به نه ڪنديون۔
NOS موجب، ايئرلائن پروازن جي معطلي جو سبب ظاهر نه ڪيو، البت ٻڌايو ته اها ڊچ اختيارين سان رابطي ۾ آهي۔
صدر ٽرمپ تازو اسلامي جمهوريه ايران ۾ شروع ٿيندڙ احتجاجي تحريڪ خلاف ڪڙڪ ڊائون سبب بار بار ايران تي آمريڪي حملي جون ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي۔
گذريل هفتي فوجي ڪارروائي جو امڪان گهٽجندو نظر آيو، جڏهن وائٽ هائوس چيو ته تهران مظاهرين جي رٿيل ڦاهين کي روڪي ڇڏيو آهي، پر خميس ڏينهن ٽرمپ فوجي تيارين جي جاري رهڻ جي تصديق ڪئي۔
هن چيو: “اوهان کي خبر آهي ته اسان وٽ ان طرف ويندڙ ڪيترائي جهاز آهن، رڳو احتياط طور… اسان وٽ ايران ڏانهن ويندڙ هڪ وڏي فوج موجود آهي۔”










