ايران جيڪڏھين وري نه مُڙيو ته آمريڪا ٻيھر حملو ڪندو، ٽرمپ

ايران جيڪڏھين وري نه مُڙيو ته آمريڪا ٻيھر حملو ڪندو، ٽرمپ

ھيگ /تل ابيت ( م ڊ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تھ لڙائي۽ويڙھ ڪنھن بھ مسئلي جو حل ناھي،پريس ڪانفرنس ڪندي ايران خلاف اسرائيلي ۽ آمريڪي اڳرائي کان پوء جنگ واري اعلان کان پوءِ پنھنجي پھرين پريس ڪانفرنس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيڌرلينڊ جي شھرھيگ ۾ نيٽو سربراھي اجلاس جي موقعي تي نيٽو سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ نيٽو کي يقين ڏيارو تھ تسلي ڪو تھ جنگ بندي جاري آھي جنگ بندي وڏي ڪاميابي آھي ،ھن اھا بھ دعويٰ ڪئي تھ آمريڪا جيڪڏھن ايران تي بم نھ وسائي ھا ھ اھا لڙائي جاري رھي ھا، صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيڌرلينڊ جي شھرھيگ ۾ نيٽو سربراھي اجلاس جي موقعي تي نيٽو سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان گڏ ھڪ ڌار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ روس جو صدر پيوٽن ڏکيو ماڻھو آھي تنھن ڪري يوڪرين جنگ بند ڪرائڻ ۾ مشڪل آھي ھن چيوتھ پاڪستاني آرمي چيف فليڊم مارشل جنرل عاصم منير ھڪ بھترين انسان ھي پاڪستان ڀارت سان رابطن ۾ آھيون ايران سان بھ ايندڙ ھفتي ڳالھيون ٿي سگھي ٿيون ھن چيو تھ مان سموري دنيا ۾ تڪرار ڳالھين وسيلي حل ڪرڻ چاھيون آمريڪا ڳالھين لاءِ تيار آھي ھن چيو تھ ڀارت ۽ پاڪستان سان جنگ بندي لاءِ ڪيترائي فون ڪيا.ھن چيو تھ ايران خلاف دٻاءُ جاري رھندو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران جوهري افزودگي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ته ان تي ٻيهر حملو ڪنداسين.دي هيگ ۾ جاري نيٽو سمٽ جي موقعي تي گفتگو ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جيڪي سڀني لاءِ اهم آهن، ايران ۾ فردو جوهري سائيٽ تباهه ڪئي ۽ فردو جوهري سائيٽ تي هاڻ تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي.هن چيو ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري افزودگي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هاڻ ايران ڊگهي عرصي تائين ايٽمي مواد نه ٺاهي سگهندو ۽ ايران لاءِ هاڻ جوهري هٿيار ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ايران ٻيهر جوهري افزودگي شروع ڪئي ته اسان ٻيهر حملو ڪنداسين ان کان اڳ،عالمي خابرو اداري رائٽرز۽ اي ايف پي موجب آمريڪي صدر وڌيڪ چيو آھي تھ مون کي انھي ڳالھ تي ڀروسو آھي تھ اسرائيل ۽ حماس ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ تمام وڏي اڳڀرائي ٿيڻ واري آھي منھنجو اوھان کي اھو چوڻ آھي تھ منھنجي خيال مطابق آمريڪي حملي سبب اھو عمل ممڪن ٿي سگھيو آھي جو اسان سڀ جنگي بندي تائين پھتاآھيون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيوتھ ايران تي امريڪي حملي جا وچ اوڀر تي تمام وڏا مثبت اثر پيا آھن ايران تي آمريڪي حملي سان غزھ ۾ يرغمالين جي ازادي ۾پڻ مددگار ثابت ٿيندو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تھ اسرائيل تي فخر ڪيون ٿا ڇو تھ اسرائيل پنھنجا جنگي جھازن کي واپس ڪيو آھي جنھن سان جنگ بندي ۾ مدد ملي آھي اسرائيل جو اھو ھڪ شاندار فيصلو آھي ھتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اھو صاف چيو تھ ايران اسرائيل جنگ بندي تي مڪمل عملدارمد ٿي رھيو آھي جنگ بندي بابت ٿورڙي ڀڃڪڙي بھ ٿي آھي پر اسان کي تاريخي ڪاميابي ملي آھي ھن چيو تھ آمريڪي حملي سان ايراني جوھري پروگرام تباھھ ٿي چُڪو آھي ھاڻ وڏي وقت تائين ايران آئيٽمي ھٿيار نھ ٿوٺاھي سگھي،ايران کي يورنيم لڪائڻ جي اجازت نھ ھوندي جيڪڏھن ايران يورينيم افزوردگي شروع ڪندو تھ آمريڪا ٻيھر حملو ڪندو،اسان يورينيم جي 30ماڙ عمارت جي ھيٺان ايراني تنصيبات کي تباھ ڪيو آھي آمرڪي صدر مڃيو تھ ايراني حملن جي لپيٽ ۾ آيل اسرائيل لاءِ ڪجھ ڏينھن سخت تڪليف جھڙا گذريا سخت مشڪل ڏينھن ضرور ھئا ايراني حملن جي ڪري اسرائيلي ڪيتريون ئي عمارتون تباھ ٿيون ھن چيو تھ جيڪڏھن اسان بم نھ ڪيرايون ھا تھ ايران اسرائيل لڙائي اڃابھ جاري رھي ھا ۽ ايران کي خبر ھئي تھ اسان حملو ڪرڻ وارا آھيون،آمريڪي حملي سان گھڻو ڪجھ تبديل ٿي ويو آھي جنگ بندي ٿي آھي،ايراني جوھري پرگرام حملي سان آمريڪا ختم ڪرائي ڇڏيو ھڪ سوال جي جواب ۾ چيوتھ ايران لاءِ ھن وقت سڀ کان وڏو اھم ڪم اھو تھ ايران پاڻ کي سنڀالي سوچيوڇو نٿا تھ ايران ھيڏي ساري حالت کان پوءِ بھ چوي تھ اسان بم حملو ڪنداسين، يورينيم گڏ ڪنداسين ھاڻ ايران لاءِ ائين ڪرڻ وس جي ڳالھ ناھي رھي ھاڻ ايران ڪڏھن بھ بم نھ ٿو ٺاھي سگھي، ھن حيراني واري انداز ۾ اھو بھ چيو تھ ھن وقت بھ ايران لاءِ تمام وڏي ڪاميابي جا سبب موجود آھن ايراني ذھين ماڻھو آھن اھي ھڪ قوم آھن انھن وٽ تيل جي طاقت آھي اھي ٻيھر اٿي پوڻ جي سگھ رکن ٿا ۽ اٿي پوندا اٿي بيھي سگن ٿا ھن چيوتھ ڪنھن حد تائين آمريڪا جا ايران سان لاڳاپا بھ وڌي سگھن ٿا، ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيل کي وائٽ هائوس ۾ اڃا تائين ڊونلڊ ٽرمپ کان بهتر ڪو دوست نه مليو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ بيان دوران نيتن ياهو ٽرمپ جي موقف کي ورجائيندي چيو ته جيڪڏهن ايران ٻيهر ائٽمي منصوبي جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ناڪام بڻائينداسين.نيتن ياهو جو چوڻ هو ته اسرائيل پنهنجن وجود لاءِ خطرو بڻيل ٻن وڏن منصوبن، يعني ايران جي ائٽمي ۽ ميزائل منصوبي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايران خلاف هڪ اهڙي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جيڪا نسلن تائين ياد رکي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته وائٽ هائوس ۾ اسرائيل کي ٽرمپ کان بهتر دوست ڪڏهن به نه مليو، اسان حماس کي شڪست ڏينداسين ۽ غزا مان زندهه ۽ مارجي ويل يرغمالين کي واپس آڻينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو