ايران جنگ: پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن 100 اڏامون رد

ايران جنگ: پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن 100 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن مختلف ايئر لائنز جون 100 پروازون رد ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب، لاهور ايئرپورٽ تي ڪل 22 بين الاقوامي پروازون رد ڪيون ويون. اهڙي طرح، اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 18 بين الاقوامي پروازون رد ڪيون ويون، جنهن جي ڪري وڏي تعداد ۾ مسافرن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو.ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته ملتان، سيالڪوٽ، پشاور ۽ ڪوئيٽا ايئرپورٽن تان وچ اوڀر ڏانهن ڪيتريون ئي پروازون پڻ رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي کان وچ اوڀر جي مختلف شهرن ڏانهن پروازون پڻ اڄ رد ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو