دبئي (ويب ڊيسڪ) ايران جنگ جي خاتمي تي متضاد خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتن ۾ لاٿ واڌ جاري آهي، برينٽ خام تيل 118 ڊالر کان گهٽجي 106 ڊالر في بيرل ٿي ويو ۽ WTI خام تيل جي قيمت 103 ڊالر في بيرل تي مستحڪم آهي. ان کان علاوه، يو اي اي خام تيل 3 سيڪڙو واڌ سان 121 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي.ٻئي طرف، آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ تيزي جو رجحان ڏٺو ويو آهي. ڊاؤ انڊيڪس 2.5 سيڪڙو وڌيو، ايس اينڊ پي 500 2.91 سيڪڙو وڌيو، ۽ ناس ڊيڪ 3.83 سيڪڙو وڌيو.










