ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي خلاف قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ جمع

ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي خلاف قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ جمع

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي وئي.جماعت اسلامي جي ميمبر اسيمبلي محمد فاروق هڪ قرارداد جمع ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو ته مان ايران جي سپريم ڪمانڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت جي سخت مذمت ڪريان ٿو.قرارداد جي متن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل عالمي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهن، ايران ۾ اسڪولن، اسپتالن ۽ رهائشي علائقن تي بمباري انساني حقن جي واضح خلاف ورزي آهي.متن موجب هزارين بيگناهه شهري، جن ۾ ٻار ۽ مرد ۽ عورتون شامل آهن، قتل عام ڪيو ويو، اسرائيل هڪ غاصب ۽ ناجائز رياست آهي.قرارداد ۾ چيو ويو ته ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي.متن موجب، بين الاقوامي قانون موجب، جنگ ۾ ڪنهن ملڪ جي سربراهه کي نشانو بڻائڻ منع آهي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومن بين الاقوامي قانون جي پاسداري ڪري ۽ فوري طور تي جنگ بند ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو