آمريڪي حملو اڻٽر، 2400 کان مٿي شهري قتل، 18 هزار گرفتار

آمريڪي حملو اڻٽر، 2400 کان مٿي شهري قتل، 18 هزار گرفتار

تهران (ويب ڊيسڪ) بظاهر لڳي ٿو ته ايران تي آمريڪي حملو اڻٽر بڻجي ويو آهي. آمريڪا قطر سميت مختلف فوجي اڏن تان پنهنجي فوجن کي ڪڍڻ ۽ انگ گهٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڇو ته اڳ ۾ ايران ڌمڪي ڏني هئي ته آمريڪا جي مٿس حملن جي صورت م هو آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائيندو. روس اڳ ۾ پنهنجي شهرين کي ايران مان نڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. اطلاعن موجب هن ڀيري ايران هڪ ئي وقت سوين ميزائيل ۽ ڊرونز حملن جي تياري ڪئي آهي، جنهن سبب اسرائيل به هاءِ الرٽ تي آهي.
سي ايس اين جي هڪ رپورٽ موجب ايران ۾ هڪ عارضي مرده خاني مان ورتل وڊيو فوٽيج ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 لاش ڪاري رنگ جي باڊي بيگز ۾ نظر اچن ٿا، جن مان هڪ تي 16 ورهين جي نوجوان جي ڄمڻ جي تاريخ لکيل آهي. اهي منظر حڪومت خلاف ٿيندڙ احتجاجن تي خونريز ڪريڪ ڊائون کانپوءِ سامهون آيا آهن.
سوشل ميڊيا تي موجود هي وڊيو، جيڪا اڱاري ڏينهن ايڪس (X) تي پوسٽ ڪئي وئي ۽ سي اين اين طرفان تصديق ڪئي وئي، تهران صوبي جي فارنسڪ ڊائگناسٽڪ ۽ ليبارٽري سينٽر ۾ لاش قطار ۾ رکيل ڏيکاري ٿي، جيڪو ڪهريزڪ شهر ڀرسان، تهران کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي مفاصلي تي واقع آهي.
ٻنهي وڊيو ڪلپن ۾ 100 کان وڌيڪ لاش ڏسي سگهجن ٿا، جن مان گهڻا مرد لڳن ٿا. ڪجهه لاشن جا چهرا صاف نظر اچن ٿا، جيڪي اڃا تائين رت سان ڀريل آهن. ڪجهه باڊي بيگز روڊ تي ۽ ڪجهه ٽرالن تي رکيل هئا. ڪيترن ئي لاشن تي گولين جا نشان واضح نظر اچن ٿا. هڪ شخص جي ڇاتيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ 25 گولين جا زخم ڏٺا ويا آهن.
ڪجهه باڊي بيگز تي فوت ٿيل ماڻهن جا نالا، ڄمڻ جون تاريخون ۽ قومي سڃاڻپ نمبر فارسي ۾ لکيل آهن. هڪ ليبل تي 21 مارچ 2009 جي ڄمڻ جي تاريخ لکيل هئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته فوت ٿيل نوجوان صرف 16 ورهين جو هو. سَوَن جي تعداد ۾ ماڻهو لاشن ڀرسان گڏ ٿيندي، روئندي ۽ پنهنجن پيارن کي ڳوليندي نظر اچن ٿا.
سي اين اين سيٽلائيٽ تصويرن سان عمارتن جي بناوت ۽ جڳهه جو مقابلو ڪري وڊيو جي جڳهه جي تصديق ڪئي آهي. وڊيو جي ڪيپشن موجب اها 10 جنوري تي ٺاهي وئي، پر امڪان آهي ته اها ان کان اڳ به فلمائي وئي هجي. ايران ۾ ملڪ گير انٽرنيٽ بندش سبب احتجاجن ۽ مارجي ويل ماڻهن جون تصويرون آن لائن اچڻ ۾ دير ٿي آهي.
ايران جو سياسي نظام جو ويجهو جائزو
گذريل اڍائي هفتن دوران ايران ۾ حڪومت مخالف احتجاجن ۾ شرڪت ڪرڻ تي 18 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ملڪ جي موجوده قيادت کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
ايران جي آخري شاهه جو جلاوطن پٽ رضا پهلوي پاڻ کي مخالف ڌر جي اهم اڳواڻ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ايراني عوام کي احتجاجن لاءِ نڪرڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي. رضا پهلوي آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي، پر ماهرن موجب هو هڪ متنازعه شخصيت آهي ۽ هن اهو واضح ناهي ڪيو ته اقتدار ۾ اچڻ بعد ايران کي ڪيئن هلائيندو؟
ايران جو سياسي نظام
آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ايران جي تاريخ ۽ سياست جي اسوسيئيٽ پروفيسر مريم عالم زاده سي اين اين کي ٻڌايو ته ايران ۾ ٻٽو سياسي نظام آهي. هن چيو ته هن نظام جو چونڊيل حصو، جنهن ۾ صدر جو دفتر ۽ پارليامينٽ شامل آهن، ڪجهه حد تائين مغربي جمهوريتن جهڙو آهي، پر ان جي نگراني غير چونڊيل حصو ڪندو آهي، جنهن ۾ سپريم ليڊر جو دفتر ۽ سندس سڌي ڪنٽرول هيٺ ادارا شامل آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اهو غير چونڊيل حصو اهم عهدن لاءِ چونڊن ۾ بيهڻ وارن ماڻهن کي سختي سان محدود ڪري ٿو ۽ چونڊيل ادارن جي فيصلن ۽ ڪاررواين تي مڪمل اختيار رکي ٿو. مريم عالم زاده موجب، سياسي نظام ۾ هڪ ٻي گهٽ ڄاتل پيچيدگي غير رسميت جي سطح آهي، جيڪا خاص طور معاشي ڍانچي ۾ گهڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
هن چيو ته 1979 واري انقلاب کانپوءِ حڪومتي ادارن ۾ غير پيشاورانه، عارضي ۽ غير شفاف فيصلا عام رهيا آهن، جنهن ڪري قيادت جي قدمن کي سمجهڻ ۽ اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
ايران ۾ مخالف ڌر
ملڪي سطح تي مخالف ڌر بابت ڳالهائيندي، مريم عالم زاده چيو ته ايراني حڪومت گذريل ڪيترن ڏهاڪن دوران منظم مخالفت جي هر ڪوشش کي اثرائتي نموني دٻايو آهي، اڳواڻن کي گرفتار يا خاموش ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته غير سياسي اين جي اوز، يونينون، شاگرد تنظيمون ۽ هر اها شئي جيڪا هيٺئين سطح کان منظم ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي، ختم ڪئي وئي آهي. نتيجي طور، نه قيادت ۽ نه ئي عوامي تنظيم سازي موجود آهي، ۽ احتجاج صرف فردن يا ننڍن گروهن جي عارضي فيصلن تي دارومدار رکن ٿا. رضا پهلوي جي حيثيت ممڪن مخالف اڳواڻ طور سامهون آئي آهي، پر سندس مقبوليت بابت اختلاف موجود آهن.
مريم عالم زاده چيو ته، “جيتوڻيڪ پهلوي نالي ۾ سڀ کان نمايان مخالف اڳواڻ آهي، پر حقيقي حڪمراني لاءِ سندس تياري انتهائي شڪي آهي.” هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن موجوده نظام ختم ٿي وڃي ته اهو واضح ناهي ته پهلوي اسلامي جمهوريه جي باقيات، جهڙوڪ وڏي پوليس ۽ سيڪيورٽي ڍانچي، بدعنوان ماڻهن جي ڄار ۽ ڪجهه موجود حمايتين سان ڪيئن نبيرو ڪندو؟
ترڪي، آمريڪا ۽ ايران سان ڳالهين لاءِ رابطي ۾
سي اين اين جي گل تويسز موجب، ترڪي ايران ۽ آمريڪا ٻنهي سان رابطي ۾ آهي ته جيئن ڳالهين جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو وڃي، پر هڪ علائقائي سفارتي ذريعن خبردار ڪيو آهي ته شايد هاڻي دير ٿي چڪي هجي.
لاش وٺڻ لاءِ خاندانن کان پئسا گهريا پيا وڃن: الزام
سي اين اين جي اِسي رونالڊ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ايراني اختيارين تي الزام آهي ته هو حڪومت مخالف احتجاجن دوران مارجي ويل ماڻهن جا لاش وٺڻ لاءِ خاندانن کان پئسا گهري رهيا آهن. ٻن ايراني شهرين سي اين اين کي ان بابت ٻڌايو آهي.
23 ورهين جي فيشن ڊيزائن جي شاگردياڻي روبينا امينيان احتجاج دوران گولين جو شڪار ٿي وئي. سندس چاچو نزار منوئي سي اين اين کي ٻڌايو ته روبينا جي ماءُ وڏي مشڪل سان ان هنڌ تائين پهتي جتي لاش رکيل هئا. هن چيو ته: “هوءَ روئندي، چيخندي ۽ وڏي تڪليف سان آخرڪار اندر پهتي، جتي هن پنهنجي ڌيءَ جو لاش ڳولي لڌو، ۽ عملي طور تي اهو لاش اتان کڻي ڀڄي وئي.”
خاندان جڏهن پنهنجي شهر ڪرمان شاهه موٽيو ته کين خبر پئي ته اختيارين سندن گهر اچي پئسا گهرڻ جي ڪوشش ڪئي. خوف سبب خاندان بنا ڪنهن رسم يا جنازي جي روبينا کي بي نالي قبر ۾ دفنايو، ڇو ته کين ڊپ هو ته حڪومت لاش واپس کڻي ويندي۔
هڪ ٻئي ايراني، جنهن سڪيورٽي سبب پنهنجو نالو ظاهر نه ڪيو، سي اين اين کي ٻڌايو ته اختيارين ماڻهن کي اسپتالن ۽ مرده خانن مان لاش وٺڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن ته هو پئسا ادا ڪن، ۽ ڪجهه حالتن ۾ لاش ڏيڻ کان به انڪار ڪيو پيو وڃي.
هي طريقو نئون ناهي. اهڙيون رپورٽون 2019 جي احتجاجن دوران به سامهون آيون هيون، جن جو حوالو روئٽرز، آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ايران وائر به ڏنو هو. جنهن جو سبب اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته هنکي مارڻ لاءِ گوليون خرچ ٿيون ۽ گولين جو معاوضو ڏيو.
انساني حقن جي صورتحال
انساني حقن جي آمريڪي اداري HRANA موجب، ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرن شروع ٿيڻ کان وٺي هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 2,403 احتجاج ڪندڙ مارجي چڪا آهن، جڏهن ته 18 هزار کان وڌيڪ گرفتار ڪيا ويا آهن. اختيارين هاڻي احتجاج ڪندڙن کي ڏنل سزائن بابت به ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪجهه گرفتار شهرين کي ڦاهي به ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو