ايران آمريڪا ڳالهين تي پاڪستاني ميڊيا مثالي ڪردار ادا ڪيو

ايران آمريڪا ڳالهين تي پاڪستاني ميڊيا مثالي ڪردار ادا ڪيو

اسلام آباد: ( بيورو رپورٽ ) پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين تي پاڪستاني ميڊيا مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي.
هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن سموري دنيا تعريف ڪئي، پاڪستان جو ٽياڪڙي جو مقصد خطي ۾ امن جو قيام آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان اوپن چيلنج قبول ڪيو ۽ عرب ملڪن ۾ ڳالهيون ڪرايون.
هن چيو ته پاڪستان جي آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ ۾ گهٽٽائي جي لاءِ تعميري ۽ مثبت ڪوششن کي عالمي سطح تي مڃيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ٽياڪڙي ڪوششن جي حوالي سان پاڪستان ڌرين سان رابطي جا چينل کولي رکيا. ترجمان ٻڌايو ته چيف آف ڊفينس فورسز گذريل ڏينهن ايران جي دوري تي پهتو جڏهن ته وزيراعظم جي قطر جي امير، جرمن چانسلر، اطالوي وزيراعظم ۽ برطانوي وزيراعظم سان ٽيليفونڪ رابطا ٿيا. انهي کان علاوه وزيراعظم جي جاپاني، ڪينيڊين وزيراعظم سان به رابطا ٿيا آهن،
طاهر اندرابي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ امن ڳالهيون منعقد ڪيون ويون، جنهن ۾ آمريڪا جي نمائندگي جي ڊي وينس ۽ ايران جي نمائندگي باقر قاليباف ڪئي. وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ چيف آف ڊفينس فورسز اهڙيون ڳالهيون منعقد ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز ايران ۾ آهي جڏهن ته وزيراعظم 15 کان 18 اپريل تائين ٽن ملڪن جا دورا ڪري رهيو آهي.
هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اسلام آباد ڳالهين کان اڳ ڪيترن ئي ٽيليفونڪ رابطن جي ذريعي پاڪستاني قيادت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان رابطن ۾ رهيا. هن چيو ته پاڪستان لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. پاڪستان ايس سي او(آر اي ٽي ايس) ۾ شرڪت ڪئي آهي. 4 ملڪن جي سينئر اختيارين جو اجلاس اسلام آٻاد ۾ منعقد ڪيو ويو. اهڙن ملڪن ۾ سعودي عرب، ترڪيه، اردن ۽ مصر به شامل هئا.
هن چيو ته اسلام آباد ڳالهين جي اڃان تائين ڪابه تاريخ مقرر نه ٿي آهي، جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته تاريخ ۽ وقت جو اعلان ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستاني ميڊيا آمريڪا ايران ڳالهين جي حوالي سان مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪنهن به افواهن تي ٻڌل خبر ناهي ڏني وئي. ڳالهين جي تاريخ جي باري ۾ به افواهن کان پاسو ڪيو وڃي. اسان ايران ۽ سعودي عرب سان ڊگهن رابطن لاءِ ڳالهين ۾ مصروف آحيون.
ترجمان چيو ته متحده عرب امارات سان لاڳاپن بابت ڪنهن به قسم جي افواهن جي ترديد ڪريون ٿا. يو اي اي اسان جو دوست ۽ پاڙيسري ملڪ آهي فنڊز جي واپسي کي لاڳاپن سان نٿو جوڙي سگهجي. امارات طرفان مالي معاملا انهي تڪرار کان اڳ جا آهن. طاهر اندرابي چيو ته پاڪستاني ڪوسٽ گارڊز تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا. انهي معاملي تي وڌيڪ تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو سعودي عرب سان دفاعي معاهدو فعال آهي. اسان گڏيل امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اسان جا ٻين ملڪن سان رابطا به انهي حوالي سان آهن. اسلام آباد ڳالهيون بهتر هيون. اسان انهن ڳالهين کي مثبت حوالي سان ڏسون ٿا. 21 ڪلاڪن جو وقت ته صرف ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جو وقت هو، وزيراعظم ۽ چيف آف ڊفينس فورسز هر وقت موجود رهي.
ترجمان چيو ته اسان ڳالهين جي آجيان ڪريون ٿا، ڪير ايندو، ڪيترو وفد هوندو، ڪير ترسندو ڪير ويندو انهي جو فيصلو ڌرين کي ڪرڻو آهي. بطور ٽياڪڙي جي طور تي ڳالهين کي ڳجهو رکڻ اسان جي لاءِ ضروري هو. اسان جي پاليسي قومي ۽ عالمي ميڊيا جي لاءِ هڪ جهڙي هئي. اسان وٽ ڳالهين جا تفصيل ۽ رپورٽون ڳالهيون ڪندڙ ڌرين طرفان امانت هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو