ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد،اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون رٿيل

ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد،اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون رٿيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي دوري تي پنهنجي شيڊول موجب خاص جهاز ذريعي اسلام آباد پهتو، نور خان ايئربيس تي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سندس استقبال ڪيو.پرڏيهي آفيس جي ذريعن موجب ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته هو پنهنجي دوري دوران پرڏيهي وزارت جي عملدارن کان علاوه سڪيورٽي عملدارن سان به ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب جليل عباس جيلاني سان به ملاقات ڪندو، ملاقات ۾ مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو