ايئر چيف مارشل جي جنگي مشقن جو معائنو

ايئر چيف مارشل جي جنگي مشقن جو معائنو

اسلام آباد(بيورو)ايئر چيف مارشل ظهير بابر سدو پاڪ فضائيه ۽ پاڪ فوج جي گڏيل جنگي مشقن جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي هن چيو ته پاڪ فضائيه پاڪ فوج سان گڏ دشمن جي ڪنهن به ناپاڪ عمل جو جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.هن وڌيڪ چيو ته فوجي ڊرون جديد جنگ ۾ فيصلائتي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.ايئر چيف مارشل چيو ته هوائي فوج خطي ۾ جيو اسٽريٽجڪ اڳڀرائي کان آگاهه آهي، پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ سرحدن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو