سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن مان لکين ليٽر غيرقانوني پيٽرول ۽ ڊيزل ضبط

سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن مان لکين ليٽر غيرقانوني پيٽرول ۽ ڊيزل ضبط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي لکن ليٽر غيرقانوني ذخيرو ٿيل پيٽرول ۽ ڊيزل ضبط ڪري ورتو.پڌرنامي موجب، اوگرا سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ لکن ليٽر غيرقانوني ذخيرو ٿيل پيٽرول ۽ ڊيزل ضبط ڪيو ويو. اوگرا جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل حب واري هنڌ تي غيرقانوني طور ذخيرو ڪيو ويو هو، پيٽرول ۽ ڊيزل غيرقانوني طور تي هڪ آئل ڊيپو ۾ اسٽور ڪيو ويو هو. اوگرا موجب، نجي ڪمپني جو آئل ڊيپو به غيرقانوني طور تي ڪم ڪري رهيو هو. آئل ڊيپو وٽ اوگرا جو لائسنس ۽ دفاع واري وزارت جو اين او سي (NOC) نه هو.پڌرنامي موجب، اوگرا جي انفورسمينٽ ٽيم آئل ڊيپو کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو