ڪراچي(پ ر)آل پاڪستان آئل ٽينڪر اونرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين گل فراز خان جدون جي اڳواڻي ۾ 9 رڪني وفد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو سان ڪراچي پوليس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ڊي آءِ جي ايڊمن، ايسوسيئيشن جي صدر محمد رمضان، محمد عثمان ۽ وفد جا ٻيا ميمبر پڻ ان موقعي تي موجود هئا، ملاقات دوران آئل ٽينڪر مالڪن کي درپيش مسئلن، ٽرئفڪ جي وهڪري ۾ بهتري ۽ سيڪيورٽي جي مسئلن تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو، ڪراچي پوليس چيف وفد پاران پيش ڪيل قابل عمل تجويزن سان اتفاق ڪيو ۽ انهن تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو، هن وڌيڪ چيو ته پوليس عوام ۽ ڪاروباري برادري جي تعاون سان شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي،آخر ۾ وفد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي گلن جو گلدستو پيش ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










