ڪراچي(ويب ڊيسڪ)چيني اختيارين اوڀر چين ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجن گهرن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ ملڪ جو مالي مرڪز شنگهائي پڻ شامل آهي، جتي ٽائيفون ڊولفن سامونڊي طوفان ڪناري سان ٽڪرائجي ويو.
ٽائيفون سان گڏ تيز برساتون پيون، جڏهن ته سڄي علائقي ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام متاثر ٿي ويو. رڳو سومر ڏينهن شنگهائي ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار اڏامون رد ڪيون ويون.
جيتوڻيڪ اختيارين ڊولفن جي درجي کي گهٽائي ٽراپيڪل طوفان قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پر طوفان جي اتر طرف وڌڻ دوران اربع تائين تيز برساتن، شديد ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خطري بابت خبردار ڪيو پيو وڃي.
چيني اختيارين ان کان اڳ ڊولفن لاءِ سڀ کان اعليٰ سطح جو ريڊ الرٽ جاري ڪيو هو. هي طوفان هن سال چين کي متاثر ڪندڙ سڀ کان طاقتور طوفان آهي.
موسميات کاتي جي اختيارين موجب، ڊولفن جڏهن آچر ڏينهن پاڪستاني وقت موجب اڍائي وڳي شام پهريون ڀيرو جيجيانگ صوبي جي يوهوان سان ٽڪرائيو ته ان وقت هوائن جي وڌ ۾ وڌ رفتار 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (94 ميل في ڪلاڪ) هئي. ان کان تقريباً هڪ ڪلاڪ پوءِ طوفان وينزو شهر ۾ ٻيهر زمين سان ٽڪرائجي ويو.
سومر ڏينهن شنڊونگ، هينان، هوبي، آنهوئي، جيانگسو ۽ جيجيانگ صوبن سميت شنگهائي شهر ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.
سرڪاري ميڊيا پاران جاري ڪيل فوٽيجز ۾ شنگهائي جي اڳوڻي فرينچ ڪنسيشن واري علائقي ۾، جيڪو سياحن ۾ مشهور آهي، زميني ماڙ تي قائم ڪاروباري مرڪزن کي پاڻي ۾ ٻڏل ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ماڻهو گوڏن تائين بيٺل پاڻي مان گذرندي نظر اچن ٿا.
ڪيترن ئي سرڪاري ميڊيا ادارن رپورٽ ڪيو آهي ته جيجيانگ جي وين لنگ شهر جو 9 ورهين جو هڪ ڇوڪرو سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي وڃڻ کان پوءِ گم آهي. چيني اختيارين طرفان هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
موسميات جي اڳڪٿي ڪندڙن موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران جيجيانگ جي ڪجهه علائقن ۾ 250 کان 500 ملي ميٽر تائين برسات پوڻ جو امڪان آهي.
جيجيانگ جي گادي واري شهر هانگزو ۾ اختيارين تيز هوائن ۽ ٻوڏ جي پاڻي کان بچڻ لاءِ محفوظ هنڌ ڳوليندڙ گاڏين لاءِ سڀني عوامي پارڪنگ وارن هنڌن تي پارڪنگ فيس معاف ڪري ڇڏي آهي.
صوبي جي ٻين علائقن ۾ وينزو جي اختيارين لڳ ڀڳ 9 لک رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ هنگامي پناهه گاهون قائم ڪيون آهن، جڏهن ته تائيزو شهر ۾ لڳ ڀڳ 3 لک 90 هزار ماڻهن کي پنهنجن گهرن مان ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
سامونڊي ڪناري واري صوبي فوجيان ۾ سامونڊي اختيارين مسافرن لاءِ هلندڙ ڪيترن ئي فيري سروسز کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سمنڊ اندر جاري 100 کان وڌيڪ تعميراتي منصوبن جو ڪم روڪي ڇڏيو آهي.
چين جي سرڪاري نشرياتي اداري سي سي ٽي وي موجب، ڊولفن زمين سان ٽڪرائجڻ کان اڳ 6 هزار ڪلوميٽر جو ڊگهو فاصلو طئي ڪيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن طوفان جي عمر عام ٽائيفون جي ڀيٽ ۾ ٽي ڀيرا کان به وڌيڪ رهي آهي.










