اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ورلڊ بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب ورلڊ بينڪ گروپ ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جو اجلاس 13 کان 19 اپريل تائين واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيندا.ناڻي وارو وزير اهڙن اجلاسن کان اڳ بوسٽن جو دورو ڪندو جتي هو هارورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. انهي موقعي تي محمد اورنگزيب ماهرن، پاليسي سازن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏجي معيشت اصلاحاتي قدمن ۽ ترقي جي امڪانن تي خيالن جو اظهار ڪندا.دوري جي دوران ناڻي وارو وزير عالمي مالياتي ادارن جي اهم اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. انهي موقعي تي عالمي مالياتي اڳواڻن ۽ ترقياتي ڀائيوارن سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جي مئينجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻيون اختياريون شريڪ ٿينديون.










