اورنگزيب جي آمريڪي ڪامرس سيڪريٽري سان ملاقات

اورنگزيب جي آمريڪي ڪامرس سيڪريٽري سان ملاقات

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير خزانه سينيٽر محمد اورنگزيب جي اڳواڻي ۾ هڪ پاڪستاني وفد واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي واپار واري سيڪريٽري هاورڊ لٽنڪ ۽ آمريڪي واپاري نمائندي (يو ايس ٽي آر) جيميسن گريئر سان ملاقات ڪئي.ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري واپاري ڳالهيون ثمر آور ثابت ٿينديون، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي معيشتن کي فائدو ٿيندو.بيان موجب، ٻنهي ڌرين واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هر ممڪن رستو ڳوليو ويندو، خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ ڳوليو ويندو،ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار آهي ۽ پاڪستان انهن لاڳاپن جي دائري کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي، جنهن ۾ روايتي ۽ غير روايتي شعبا، اهم شعبا جهڙوڪ ٽيڪنالاجي، آئي ٽي، معدنيات ۽ زراعت وغيره شامل آهن، ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان فائديمند لاڳاپا قائم ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو