ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انگلش ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو.سول ايوي ايشن ذريعن موجب انگلش ڪرڪيٽ ٽيم دبئي کان امارات ايئر لائنز جي اڏام اي ڪي 600 ذريعي ڪراچي پهتي. ڪراچي ايئرپورٽ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ عملدارن انگلش ٽيم جو استقبال ڪيو.پوليس اختيارين موجب دوري واري ٽيم جي ڪراچي ايئرپورٽ ۽ هوٽل ڏانهن ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي خاص سيڪيورٽي انتظامن ۽ پروٽوڪول تحت هوٽل پهچايو پيو وڃي.پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 20 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.سيريز جا پهريان چار ميچ ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا جڏهن ته آخري ٽي ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.انگلش ٽيم جي قيادت جوس بٽلر ڪري رهيو آهي جڏهن ته نائب ڪپتان معين علي آهي.










