دڙو (ن سنڌيار) دڙو ۾ سوين ڏنڊا بردار مستحق عورتن جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم نہ ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، ھڪ عورت بيھوش، روڊ بلاڪ، سينٽر عارضي طور بند، دڙو جي مين پرائمري اسڪول ۾ قائم ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آيل 25 ھزار روپين جي رقم نہ ملڻ خلاف سوين ڏنڊا بردار عورتن ھٿن ۾ پٿر ۽ لٺيون کڻي مين دڙو، ميرپوربٺورو روڊ بند ڪرائي ڇڏيو، جڏھن تہ سينٽر تان رقم وٺڻ لاء آيل ھڪ عورت شمع زال اول سوڍو گرمي جي سَٽ نہ سھندي بيھوش ٿي وئي، جنھن کي نازڪ حالت ۾ دڙو جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ان موقعي تي رقم کان محروم مستحق عورتن ٻڌايو تہ اسان برسات سٽيل متاثر آھيون، انتظاميا بينظير انڪم سپورٽ جي رقم بند ڪري وڏي زيادتي ڪئي آھي، ھنن چيو تہ جيڪڏھن رقم نہ ڏني وئي اڻ اعلانيل ڌرڻو جاري رھندو، ھوڏانھن بي آئي ايس پي دڙو سينٽر جي انچارج شيراز اڪرم ميمڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ دڙي جي سينٽر کي پوليس انتظاميا جي عدم موجودگي سبب عارضي طور تي بند ڪيو ويو آھي، جلد انتظاميا سان ڳالھ ٻولھ ڪري سينٽر چالو ڪرائينداسين. ھن وڌيڪ چيو تہ ڪنھن بہ ڊوائيس ايجنٽ ڪٽوتي ڪئي تہ ان خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.










